Share this link via
Personality Websites!
﴿3﴾رَحمت جا ستّر دروازا
صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ
جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([1])
﴿4﴾ هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون
جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ
حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تي نيڪيون لکندا آهن. ([2])
﴿5﴾ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ
حضرت اَحمد صاوِي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡھَادِی ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami