Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

صُحبت تنهنجي جھالت ۽ گمراهي کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيندي. جيڪڏهن انهن تي غَضبِ الٰهي ٿيو ته انهن سان گڏ هئڻ جي سبب تون به ڦاسي ويندي. (روح البيان :۱/۲۵۷) هڪ ٻئي مقام تي پنهنجي پُٽ کي وَصِيت ڪندي اِرشاد فرمايو: عُلما جي مجلس کي لازِم پڪڙ ۽ ڏاهن ماڻهن جي گفتگو غور سان ٻڌندو ڪر! ڇو جو اللھ عَزَّوَجَلَّ مُرده دل کي حڪمت جي نُور سان ايئن ئي زِنده فرمائي ڇڏيندو آهي جيئن ڪنهن زمين کي مِينهن جي وسڪاري سان زِنده فرمائيندو آهي۔ (السراج المنير :۳/۱۸۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! رَئيسُ الحڪماء حضرت سَيّدُنا حڪيم لقمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ڪهڙا علم ۽ حڪمت ڀريا مدني گُل عطا فرمايا ته عُلماء جي صُحبت اختيار ڪرڻ گھرجي، انهيءَ ۾ فائدو آهي. عالِم ھجي تڏهن به عُلماء جي مجلس سان جڙيل رهي ۽ جاھل ھجي تڏهن ته ان تي لازِم آهي ته اهو عُلماء جي صحبت اختيار ڪري. علم ۽ حڪمت ڀري ڳالهين سان جتي فڪر ۽ نظر جي روشني حاصل ٿيندي آهي، اتي علمِ دين سکڻ جو ثواب به ھٿ ايندو آهي. اَلْحَمْدُلِلّٰھ عَزَّوَجَلَّ شيخ طريقت، اميرِ اَھلسُنَّت، بانيءِ دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه به اَسلاف جي طريقي تي عمل ڪندي آسان اَنداز ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ نه صِرف شَرعي سوالن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن بلڪه گھڻو ڪري قيمتي طِبّي معلومات کان آگاهي عطا فرمائيندا آهن، مشڪلاتن جا حل ارشاد فرمائيندا آهن، مختلف علمي مدني گُلن جي ذريعي انهن کي وڌيڪ مُنفرِد بڻائيندا آهن ۽ ڏسڻ، ٻڌڻ وارن جي دِلين ۾ خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي جي شمع به (روشن) فرمائيندا آهن. شيخ طريقت،