Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

ماڻهو نفعو حاصل ڪندا آهن، ايئن ئي عِلم مان مُراد ديني تَصانيف (تحرير)، نيڪ شاگرد جن کان ديني فيضان پھچندو رهي.

(مراة المناجيح ج۱ ،ص۱۸۸ )

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به حياتي ۾، سٺين سٺين نيتن سان گڏ رضاءِ الٰهي ۽ آخرت جو ثواب حاصل ڪرڻ جي لاء مسجد مدرسو ٺاهڻ سان گڏوگڏ، پاڻ به نيڪي جي ڪمن ۾ مشغول رهندي پنهنجي اَولاد کي به سُنتن جي ترغيب ڏياري ڪري نيڪ بنائڻ گھرجي ته جيئن اسان جي مرڻ کان بعد دُعاءِ مَغفرت ۽ ايصالِ ثواب جي ذريعي اسان جي اولاد اسان جي ڪم اچي.

دُعاءِ مصطفٰي: صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: اللھ عَزَّوَجَلَّ ان پيءُ تي رحم فرمائي جيڪو نيڪي ڪرڻ تي پنهنجي پُٽ جي مدد ڪري.

(مصنف ابن ابي شيبه، ۶/۱۰۱)

اَولاد جي ظاھري زيب و زينت، سٺي غِذا، سٺو لباس ۽ ٻين ضرورتن سان گڏوگڏ ان جي اَخلاقي ۽ رُوحاني تَربيت جي لاءِ به تيار ٿي وڃو گڏوگڏ پنهنجي اَولاد کي نيڪ بڻائي ثوابِ جاريه جو ذريعو بنائڻ سان گڏوگڏ شيخ طريقت، اميرِ اَھلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ۽ مڪتبة المدينه جي مطبوعه ڪتاب ۽ رسالا تقسيم ڪرڻ به هميشه هميشه جي لاءِ ثواب ڪمائڻ ۽ آخرت ۾ ڪم اچڻ واري نيڪي آهي، اھو هن طرح ته جيڪڏهن ڪو اِنهن ڪتابن ۽ رسالن کي پڙهي ڪري پابندي سان نماز پڙهڻ وارو، سنتن تي عمل ڪرڻ وارو، نيڪ اجتماعن ۾ شرڪت ڪرڻ وارو، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ وارو، بُرائي کان مَنع ڪرڻ وارو بڻجي ويو ته جيستائين اهو نيڪ اَعمال ڪندو رهندو ته اسان کي به ان جو