Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

پاڻ عرض ڪيائون:” اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ جيڪي ڳالهيون ضروري آهن، ان کي پُوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، بِالفرض مڃي وٺجي ته اسان کان ايئن نه ٿي سگھيو ته جڏهن هڪ شيءِ موجود هجي ته ٿي سگھي ٿو ته آئنده ڪو شخص ان جي طباعت (ڇپائي) ڪرڻ جو انتِظام ڪري ۽ مخلوقِ خُدا کي فائدو پھچائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪڏهن هن وَقت هي ڪم نه ٿي سگھيو تو آئنده ان جي نه ٿيڻ جو وڏو افسوس ٿيندو۔‘‘ سندن جي عرض ڪرڻ کان پوءِ ترجمي جو ڪم شُروع ڪيو ويو، بِحَمدِاللّٰھ عَزَّوَجَلَّ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نيڪ ڪوششن جي خواھش موجب ڪاميابي حاصل ٿي ۽ اڄ مسلمانن جو وڏو تعداد مُجدِّد اعظم، اِمامِ اَھلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي لکيل قرآنِ پاڪ جي صحيح ترجمي ’’ترجمو ڪنزالايمان‘‘ کان فائدو حاصل ڪري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه (يعني صدرالشريعه) جا احسان مند آهن ۽ اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ هي سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.

(تذڪرهء صدرالشريعه ،ص:۱۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ دَلَّ عَلٰی خَیْرٍ فَلَہٗ مِثْلُ اَجْرِفَاعِلِہٖ۔ يعني جيڪو شخص ڪنهن نيڪي تي رھنمائي ڪري، ته ان کي به ايترو ئي ثواب ملندو، جيترو ان نيڪي تي عمل ڪرڻ واري کي.

(صحيح مسلم،ڪتاب الإمارة،باب فضل اعانة الغازي... الخ،الحديث۱۸۹۳،ص۱۰۵۰)

مُفسرِشهير، حڪيم الاُمَّت، مفتي احمد يار خان عَلَيْه ِ رَحْمَةُ الْحَنَّان ارشاد فرمائن ٿا: نيڪي ڪرڻ وارو، ڪرائڻ وارو، ٻڌائڻ وارو، مشورو ڏيڻ وارو سڀ ثواب جا مُستَحِق آهن۔ (مراٰة المناجيح، ج۱،ص۱۹۴) ان حديث پاڪ جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مثال پاڻ نظر ايندا، ڇو