Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

مون کي سون سان تورين ها.“ (تذڪرهء صدرالشريعه، ص۴۵) ۽ يقينًا هي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پاڪ ۽ ھند جي مُسلمانن تي تمام وڏو احسان آهي ته اُنھن وڏن عربي ڪتابن ۾ پکڙيل فقهي مَسئلن کيِ تحريري گلدستي جي صورت ۾ هڪ مَقام تي جمع ڪري ڇڏيو. ان ۾ بيشُمار مَسئلا اهڙا آهن جنهن جو سکڻ ھر اسلامي ڀاءُ ۽ اسلامي ڀيڻ تي فرضِ عَين آهي. ان جي تصنيف جا اَسباب ذِڪر ڪندي صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا:’’اُردو زبان ۾ هن وقت تائين ڪا اهڙو ڪتاب تصنيف ناهي ٿيو، جيڪي صحيح مَسئلن تي مُشتمل ھجي ۽ ضَروريات جي لاءِ ڪافي ۽ مڪمل ھجي.‘‘ (تذڪرهء صدر الشريعه، ص۴۵، ملتقطاً) انهيءَ لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هي عظيم الشَّان ڪتاب تحرير فرمايو. جيئن ته خُود اِرشاد فرمائن ٿا:’’ان ڪتاب ۾ وس آهر اها ڪوشش ھوندي ته عِبارَت تمام آسان ھجي جو سمجھڻ ۾ مشڪل نه ٿئي ۽ گھٽ علم وارا ۽ عورَتون ۽ ٻار به ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن“۔(تذڪرهء صدر الشريعه،ص۴۶) اِن تصنيف جي هڪ خوبي اها به آهي ته اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن بھارِشريعت جي ٻين، ٽين ۽ چوٿين حصي جو مُطالَعَو فرمائي ڪري ان تي تقريظ به لِکي آهي. هن ڪتاب ۾ جٿي ڪٿي فرض عُلُوم سان گڏوگڏ، قُرآني آيتن جا نُور، مبارڪ حديثن جي بهار ۽ ھر حصي ۾ پکڙيل بي شُمار خُوشبودار شَرعي مَسئلا پنهنجي خوشبو مهڪائي رهيا آهن. يقينًا ان ڪتاب کي پڙهڻ سان نه صِرف دل ۽ دِماغ روشن ٿيندا آهن بلڪه ڪيترن ئي مُعامَلن ۾ شَرعي رَھنمائي به نصيب ٿيندي آهي. بھارِ شريعت جي ان عظيم عِلمي ذَخيرن کي وڌ کان وڌ فائديمند بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس اَلمَدينة الْعِلمية جي مدني عُلماء