Share this link via
Personality Websites!
مون کي سون سان تورين ها.“ (تذڪرهء صدرالشريعه، ص۴۵) ۽ يقينًا هي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پاڪ ۽ ھند جي مُسلمانن تي تمام وڏو احسان آهي ته اُنھن وڏن عربي ڪتابن ۾ پکڙيل فقهي مَسئلن کيِ تحريري گلدستي جي صورت ۾ هڪ مَقام تي جمع ڪري ڇڏيو. ان ۾ بيشُمار مَسئلا اهڙا آهن جنهن جو سکڻ ھر اسلامي ڀاءُ ۽ اسلامي ڀيڻ تي فرضِ عَين آهي. ان جي تصنيف جا اَسباب ذِڪر ڪندي صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا:’’اُردو زبان ۾ هن وقت تائين ڪا اهڙو ڪتاب تصنيف ناهي ٿيو، جيڪي صحيح مَسئلن تي مُشتمل ھجي ۽ ضَروريات جي لاءِ ڪافي ۽ مڪمل ھجي.‘‘ (تذڪرهء صدر الشريعه، ص۴۵، ملتقطاً) انهيءَ لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هي عظيم الشَّان ڪتاب تحرير فرمايو. جيئن ته خُود اِرشاد فرمائن ٿا:’’ان ڪتاب ۾ وس آهر اها ڪوشش ھوندي ته عِبارَت تمام آسان ھجي جو سمجھڻ ۾ مشڪل نه ٿئي ۽ گھٽ علم وارا ۽ عورَتون ۽ ٻار به ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن“۔(تذڪرهء صدر الشريعه،ص۴۶) اِن تصنيف جي هڪ خوبي اها به آهي ته اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن بھارِشريعت جي ٻين، ٽين ۽ چوٿين حصي جو مُطالَعَو فرمائي ڪري ان تي تقريظ به لِکي آهي. هن ڪتاب ۾ جٿي ڪٿي فرض عُلُوم سان گڏوگڏ، قُرآني آيتن جا نُور، مبارڪ حديثن جي بهار ۽ ھر حصي ۾ پکڙيل بي شُمار خُوشبودار شَرعي مَسئلا پنهنجي خوشبو مهڪائي رهيا آهن. يقينًا ان ڪتاب کي پڙهڻ سان نه صِرف دل ۽ دِماغ روشن ٿيندا آهن بلڪه ڪيترن ئي مُعامَلن ۾ شَرعي رَھنمائي به نصيب ٿيندي آهي. بھارِ شريعت جي ان عظيم عِلمي ذَخيرن کي وڌ کان وڌ فائديمند بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس اَلمَدينة الْعِلمية جي مدني عُلماء
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami