Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته صَدرُالشريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪهڙين نه دِلڪش عادتن ۽ خوبين جا مالڪ هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِلمي وَجاھت، فقهي مَھارت ۽ تحقيقي بصيرت جي سبب پوري خاندان ۾ مُمتاز ۽ باوقار مَقام رکندا هئا، ان لاءِ توهان پنهنجي حيثيت کي استعمال ڪندي پوري خاندان جون معمولي رنجيشون مِٽائيندا هئا ۽ رُٺَلن کي مِلائيندا هئا. اسان کي به گھرجي ته جڏهن خاندان جي ماڻهن ۾ رنجش وغيره ٿي وڃي يا ٻاهر ڪو فتنو فَساد ٿي وڃي، پاڙي وارن ۾ لڙائي جهڳڙي جي باھ ڀڙڪي پوي ته ان ڀڙڪندڙ باھ ۾ مزيد ڦوڪون هڻڻ جي بجاءِ ممڪن صورت ۾ ان کي وسائڻ جي ڪوشش ڪريون۔ ان سان جتي فتنو فساد ٿي رهيو هجي اُتي پنهنجن مُسلمان ڀائرن ۾ صُلح ڪرائڻ جو ثواب به اسان جي حصي ۾ ايندو۔ اچو ته !انهي متعلق 2 حديث مبارڪه ٻُڌون ٿا۔

1.       سڀ کان اَفضَل صَدَقو رُٺل ماڻهن ۾ صُلح ڪرائڻ آهي.

(الترغيب والترهيب، ڪتاب الادب، باب اصلاح بين الناس، رقم ۶، ج۳، ص ۳۲۱)

2.       جيڪو شخص ماڻهن جي درميان صُلح ڪرائيندو، اللھ عَزَّوَجَلَّ ان جو مُعامَلو دُرُست فرمائي ڇڏيندو ۽ ان جي ھر جملي ڳالهائڻ تي هڪ غُلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا فرمائيندو ۽ اهو جڏهن موٽندو ته پنهنجي گناهن کان مغفرت يافته ٿي موٽندو.

(الترغيب والترهيب، ڪتاب الادب، باب اصلاح بين الناس، رقم ۹، ج۳، ص ۳۲۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد