Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

مُرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائيندا هئا: گرم کاڌو کائڻ سان مهارون ڪمزور ٿينديون آهن، پر آءُ گرم چانھ ان لاءِ پيئندو آهيان جو منهنجا اُستاذ حضرت صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گرم چانھ پيئندا هئا۔ (سوانحِ صدر الشريعه،ص۱۰۷) مزيد فرمائن ٿا: ڪامياب شخصن جي تَقليد (پيروي) ڪرڻ سان ماڻهو ڪامياب ٿيندو آهي۔ مون حضرتِ صَدرُ الشريعه جي پيروي ڪئي ته ڪامياب ٿيس۔ (سوانحِ صدر الشريعه،ص۱۰۷) تنهن لاءِ اسان کي به گھرجي ته گھرجي ته پنهنجي ھر ھر فعل (ڪم) ۾ پنهنجن بزرگن جي پيروي کي ترجيح ڏيون ته جيئن اسان جي اَندر به چڱيون خوبيون پيدا ٿين ۽ بُريون عادتون ختم ٿي وڃن۔ اچو ته! صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪجھ عادتن جي مُتَعَلِّق ٻڌون ٿا۔ جيئن ته سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مِزاج ۾ حَد دَرَجي جي لَطافت هئي، صاف سُٿرو بهترين لباس پائيندا هئا،مٿي تي کَاڌِي جي گول ٽوپي ۽ انهي جو عمامو ٻَڌندا هئا. عام طور تي وچٿرو کاڌو تَناوُل فرمائيندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن نِھايت اَعليٰ کاڌو گھر ۾ ٺهرائي ڪري خُود به کائيندا ۽ سڀني ٻارن کي به کارائيندا هئا. پاڻي هميشه تمام ٿڌو پيئندا هئا. ايستائين جو سياري ۾ رات جو گَھڙن (دِلَن) ۾ پاڻي ڀرائي ڇڏيندا هئا ۽ اهو ئي سڄو ڏينهن پيئندا هئا. ڀُڳل گوشت، ماني ۽ تَريل ڪريلا سندن جي پسنديده خُوراڪ هئي۔ بهترين ۽ گرم چانھ پيئندا هئا. مٺين شين ۾ هلڪو مٺو پسند ڪندا هئا، عصر کان بعد عام طور تي چهل قدمي ڪرڻ نڪرندا هئا. آواز تمام بارُعب، گرجدار ۽ بُلند هو۔ فطري طور تي تمام رحم دل، شفيق، مھربان، بردبار۽ سنجيده هئا۔ رشتيدارن جو تمام خيال ڪندا هئا. جيڪڏهن خاندان ۾ ناراضي ھوندي هئي ته ختم ڪري ڇڏيندا هئا. (سيرتِ صدر الشريعه، ص۱۰۶ ملتقطاً)