Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

سڃاڻڻ ۾ قارُورھ (يعني پيشاب) ئي کان مدد وٺندو هئس ۽ هي (اعليٰ حضرت جي) ڪرامت هئي جو قارُورھ بيني يعني مريضن جي پيشاب ڏسڻ کان نفرت ٿي وئي. (تذڪرهء صدر الشريعه،ص۱۳،ملتقطاً) (ان مُلاقات ۾) اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نھايت شفقت ۽ ڪرم سان پيش آيا ۽ اُنھن صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پاڻ وٽ رهڻ جو حڪم فرمايو ۽ دل لڳائڻ جي لاءِ ڪجھ تحريري ڪم وغيره سِپرد فرمائي ڇڏيو، صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو تقريباً ٻه مهينا بريلي شريف ۾ قيام رھيو۔ رمضان جي آمد جي پيشِ نظر صدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن گھر وڃڻ جي اجازت طلب ڪئي ته منهنجي آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن ارشاد فرمايو:”وڃو! پر جڏهن به گُهرايان ته فوراً اچي وڃجو.“ (ملخص از تذڪرهء صدر الشريعه،ص۱۲) گھر وڃڻ جي ڪجھ مهينن کان بعد بريلي شريف کان خَط پھتو ته توهان فوراً هليا اچو. بهرحال صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٻيهر بريلي شريف حاضِر ٿي ويا ۽ اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن بريلي شريف ۾ توهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُستقل قيام جو انتِظام فرمائي ڇڏيو۔ اهڙي طرح صدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن 18سال منهنجا آقاءِ نعمت اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صحبت بابرڪت ۾ گذاريا۔ (تذڪرهء صدر الشريعه، ص۱۴، ملتقطاً) بريلي شريف ۾ ٻه مستقل ڪم هئا، هڪ مدرَسو (منظرُالاسلام) ۾ تدريس (پڙهائڻ)، ٻيو پريس جو ڪم، يعني ڪاپين ۽ پرُوفن جي تصحيح، ڪتابن جي روانگي، خطن جا جواب، آمد ۽ خرچ جا حساب، هي سڀ ڪم پاڻ انجام ڏيندا هئا. انهن ڪمن کان علاوه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا بعض مُسَوَّدا (اهو ڪم جيڪو سَرسَري طور تي) شروع کان صاف لکڻ، فتوون جي نقل ۽ انهن جي خدمت ۾ رهي ڪري فتوٰي لکڻ هي ڪم به مستقل طور تي