Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

امام ناصرُالدِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن قرآنِ ڪريم جي تفسير لکي۔'' (فوائد الفواد،مترجم ص ١٣٩)

فلموں سے ڈراموں سے دے نفرت تُو اِلٰہی

بس شوق مجھے نعت و تلاوت کا خُدا دے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته تلاوتِ قرآنِ ڪريم جون ڪهڙيون برڪتون آهن جو جڏهن امام ناصرُ الدين بستي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي هوش آيو ۽ انهن پاڻ کي دفنايل ڏٺو ته ان پريشاني جي عالَم ۾ توهان سورة يٰسين جي تلاوت شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي برڪت هي ظاهر ٿي ته الله عَزَّوَجَلَّ غيب کان سندن جي نجات جا اسباب پيدا فرمايا ۽ پاڻ زنده سلامت قبر کان ٻاهر تشريف کڻي آيا ۽ سندن جي جان بچي وئي. يقينًا قرآنِ مجيد الله عَزَّوَجَلَّ جي تمام ئي پياري نعمت ۽ رحمتن ۽ برڪتن وارو ڪتاب آهي. جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ٻانهن جي رهنمائي ۽ انهن جي فلاح و ڪامراني جي لاءِ سَرورِ ڪائنات، شاھِ مَوجُودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قلبِ منير تي نازل فرمايو. ان جي عظمت جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته هي الله جو ڪلام آهي (يعني الله جو پيارو پيارو ڪلام آهي)، هي مبارڪ ڪتاب هر لحاظ کان ڪامل آهي، ان کي نازل ڪرڻ وارو رَبُّ الْعَالَمِیْن آهي ته آڻڻ وارو رُوحُ الاَمِين (حضرتِ سيدُنا جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) آهي ۽ جنهن امت جي لاءِ آيو اها سڀني امتن کان بهترين آهي، جنهن زبان ۾ نازل ٿيو اها عربي مبين آهي ته جنهن مهيني ۾ آيو اهو سڀ مهينن ۾ معزز ترين آهي، جنهن رات نازل ٿيو اها افضل ترين آهي جن جڳھن تي نازل ٿيو اهي اعلٰي ترين آهن، قرآنِ ڪريم وحيِ الٰهي آهي، هي قربِ خداوندي جو ذريعو آهي، رهندڙ دنيا جي لاءِ نسخهءِ ڪيميا آهي،