Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصّو وٺڻ وارا بڻجي وڃو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم روزانه بعدِ فجر مدني حلقو به آهي، هي مدني ڪم مسجد ۾ بعدِ فجر ٿيندو آهي، اوّلاً تفسيرخزائن العرفان/صراطُ الجنان مان 3 آيتون ترجمي ۽ تفسير سان گڏ ڏسي ڪري ٻڌايون وينديون آهن، پوءِ فيضانِ سُنّت مان ڪم و بيش 4 صفحات يا اميرِ اہلسنّت جي ڪنهن ڪتاب يا رسالي مان درس ٿيندو آهي، پوءِ سڀ اسلامي ڀائر شجره قادِريہ، رضويہ عطاريہ جا اشعار ملي ڪري پڙهندا آهن، ان کان پوءِ فڪرِ مدينہ جو اجتماعي حلقو ٿيندو آهي ۽ خوش نصيب اسلامي ڀائر اشراق ۽ چاشت پڙهي ڪري اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ڪرم سان حج ۽ عمري جو ثواب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ تنهنڪري توهان به مدني حلقي ۾ شرڪت جي نِيت فرمائي وٺو، اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ان جون بي شماربرڪتون حاصل ٿينديون۔

مدرسة المدينہ بالغان پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بہار پيشِ خدمت آهي۔ جيئن ته مدرسة المدينہ (بالغان) پڙهائڻ وارو مفتي ڪيئن بڻيو؟ بابُ المدينہ (ڪراچي) جي مقيم اسلامي ڀاءِ مُفتي فضيل رضا عطّاري مُدَّظلہ العالی جي بيان جو خلاصو آهي ته مون 14 سال جي عمر ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ مزيد تعليم جي لاءِ ڪاليج وڃي پهتس۔ منهنجو اڪثر وقت عام نوجوانن وانگر دوستن سان گڏ ڪچهري يا ڪرڪيٽ وغيرہ کيڏڻ ۾گذرندو هو۔ اسان جي علاقي ۾ سائي عمامي ۽ سفيد لباس ۾ ملبوس هڪ عاشقِ رسول اڪثروڏي محبت سان ملندو ۽ تبليغِ قرآن وسنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي