Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

Book Name:Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

فضيلتن ۽ اجر و ثواب کان محروميءَ سان گڏوگڏ قيامت جي ڏينهن حسرت ۽ پشيمانيءَ جو سبب بڻجندو.

اَوَّابين ۽ اشراق جي نماز جي عادت بڻائڻ جي لاءِ

* نفلن جا فضائل ۽ ثواب پنهنجي آڏو رکو * فجر جي نماز کان پوءِ اشراق ۽ چاشت تائين مسجد شريف ۾ ئي رهي ذڪرِ الٰهي، درود و سلام ۽ اوراد و وظائف ۾ مصروف رهو * پنهنجي دل ۾ نيڪين جي حرص وڌايو* الله پاڪ جي عبادت سان ڏينهن جي شروعات ۽ انتها ڪرڻ جو ذهن بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  سڄو ڏينهن ان جون برڪتون ملنديون رهنديون.

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان ”نيڪ عمل نمبر: 34 يعني صلاة الاوابين، اشراق ۽ چاشت جي عنوان هيٺ نهايت ئي مفيد معلومات حاصل ڪئي. اچو ته اها نيت ڪريون ته اسان هن نيڪ عمل کي پنهنجي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائيندي روزانو اوابين، اشراق ۽ چاشت جا نوافل پابنديءَ سان پڙهنداسين. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 

 سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

فرض نماز  کان  بعد جي  دعا:

اَللّٰھُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْکَ السَّلَامُ تَبَارَکْتَ یَا ذَاالْجَلَالِ وَالْاِکْرَام

 ترجمو: اي الله! تون ئي سلامتي ڏيندڙ آهين ۽ تو وٽان ئي سلامتي ملي ٿي، تون برڪت وارو آهين، اي جلال ۽ عظمت جا مالڪ! ([1])

 


 

 



[1]... مسلم ،كتاب المساجد  ومواضع الصلاة ،باب استحباب الذكر بعد الصلاة ...الخ،صفحہ:217،حدیث :591۔