Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

Book Name:Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

چمڪندي وقت تسبيح ڪن.

* هن آيت سڳوريءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته: الله پاڪ جبلن کي حضرت دائود عَلَيۡهِ السَّلَام جي تابع بڻائي ڇڏيو، جڏهن حضرت دائود عَلَيۡهِ السَّلَامسج اڀرڻ ۽ سج لهڻ وقت نماز ادا ڪندا هئا، ته جبل به ساڻن گڏجي ڪري نماز ادا ڪندا هئا. [1]* حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما جن فرمايو: حضرت دائود عَلَيۡهِ السَّلَام  صلاة الضحيٰ (يعني اشراق ۽ چاشت جي نماز) ادا فرمائيندا هئا .[2][3]

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اَوَّابين (جي نماز) بابت پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جيڪو مغرب کان پوءِ ڇهه رڪعتون اهڙي نموني ادا ڪري، جو انهن جي وچ ۾ ڪا به بري ڳالهه نه ڪري، ته اهي ڇهه رڪعتون ٻارهن سالن جي عبادت جي برابر شمار ٿينديون.[4]

 مختصر شرح: ياد رکو! هن حديثِ پاڪ ۾ 12 سالن جي عبادت جي برابر هجڻ مان مراد هي آهي ته اهي 6 رڪعتون پڙهڻ سان 12 سالن جي عبادت جو ثواب ملندو. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته اهي 6 رڪعتون 12 سالن جي فرضن ۽ واجبن جو متبادل (بدل) هونديون ۽ (مَعاذَ الله!) ائين سمجهي 12 سالن تائين نماز کان لاپرواهي اختيار ڪئي وڃي.[5]

صلوٰةُ الضحى (اشراق ۽ چاشت) جي باري ۾ پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ابنِ آدم! تون منهنجي لاءِ ڏينهن جي شروعات ۾ (صلوٰةُ الضحى يعني اشراق ۽ چاشت جون) 4 رڪعتون پڙهه، مان ڏينهن جي آخر تائين تنهنجي لاءِ ڪافي هوندس، يعني تنهنجون ضرورتون پوريون ڪندس ۽ پريشانيون دور ڪندس.[6]

 


 



 [1]تفسیر قرطبی ،پارہ:23، سورۃ الصٓ،تحت الآیۃ :18،جلد:8،صفحہ:100۔

[2] جلالین مع حاشیہ صاوی ،پارہ:21،سورۃ السجدہ،تحت الآیۃ:16،جلد:3،صفحہ:21،ملخصاً ۔

[3] تفسیر کبیر ،پارہ:23،سورۃ الصٓ،تحت الآیۃ :18،جلد:9،صفحہ:375۔

[4]  سنن ابن ماجہ ،ابواب  اقامۃ لصلوات ...الخ ،باب ماجاء فی الست رکعات بعد المغرب ،صفحہ:189حدیث :1167۔

[5] مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:226۔

[6] سنن ترمذی ،ابواب الوتر ،باب ماجاء فی صلاۃ الضحیٰ،صفحہ:142،حدیث:475