Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

Book Name:Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

نيڪ عمل نمبر 34:  ڇا اڄ اوهان اوَّابين يا اشراق ۽ چاشت جا نوافل ادا ڪيا.؟ [1]   

اَوَّابين ڪنهن کي چئبو آهي؟

نمازِ مغرب کان پوءِ ڇهه رڪعتون ادا ڪرڻ کي صلاة الاوَّابين (يعني اوابين جي نماز) چئبو آهي.[2]

صلاة الضحى (اشراق ۽ چاشت) ڇاکي چئبو آهي؟

سج بلند ٿيڻ (Sun Rise)  کان ڪجهه دير بعد ادا ڪيا ويندڙ نوافل کي صلاة الضحى (يعني اشراق ۽ چاشت جي نماز) چئبو آهي.[3]

وضاحت: * ضُحيٰ ڏينهن جي ان حصي (Part) کي چيو ويندو آهي، جڏهن سج بلند ٿيندو آهي. ان وقت جيڪا نماز ادا ڪئي ويندي آهي، ان کي صلاة الضُحيٰ (يعني اشراق ۽ چاشت جي نماز) چئبو آهي[4]. * نمازِ اشراق جو وقت:  سج اڀرڻ (طلوع ٿيڻ) جي 20 منٽن کان پوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ ضحوه ڪبريٰ (يعني جڏهن سج بلڪل مٿي هوندو آهي اُن وقت ختم ٿي ويندو آهي. * چاشت جو وقت: سج بلند ٿيڻ سان شروع ٿيندو آهي ۽ ضحوه ڪبريٰ يعني جڏهن سج بلڪل مٿي هوندو آهي ان وقت ختم ٿي ويندو آهي.[5] * اشراق ۽ چاشت جي نماز گڏ به ادا ڪري سگهجي ٿي.[6]

آيتِ مبارڪه

اِنَّا سَخَّرْنَا الْجِبَالَ مَعَهٗ یُسَبِّحْنَ بِالْعَشِیِّ وَ الْاِشْرَاقِۙ(۱۸) (پارہ:23،سورۂ صٓ:18)

ترجموڪنزالعرفان:  بيشڪ اسان  ان سان گڏ جبلن کي  تابع ڪري ڇڏيو  ته اُهي شام ۽ سج


 

 



[1]72   نیک اعمال ،صفحہ:9،نیک عمل نمبر:10۔

[2] مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:226۔

[3]مرقاۃ المفاتیح ،کتاب الصلاۃ ،باب الصلاہ الضحیٰ ،صفحہ:351۔

[4] مرقاۃ المفاتیح ،کتاب الصلاۃ ،باب الصلاہ الضحیٰ ،صفحہ:351۔

[5] بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ:4،صفحہ:676۔ 

[6]فتاوی اہلسنت ،فتوی نمبر : WAT-1091۔