Book Name:Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna
اَوَّابين ۽ اشراق جي مُتعلق مخلتف احڪام
(1) اوّابين[1] ۽ اشراق، چاشت جي نماز مستحب آهي .[2] سج اڀرڻ کان پوءِ 20 منٽن تائين اشراق، چاشت يا ڪا به نماز پڙهڻ مڪروهه آهي.[3] لهٰذا اشراق جي نماز سج اڀرڻ جي 20 منٽن کان پوءِ پڙهي وڃي.
اَوَّابين ۽ اشراق جا فضائل و فوائد
* ڏينهن جي شروعات ۽ انتها الله پاڪ جي عبادت سان ڪرڻ گهرجي. حديثِ پاڪ جو مفهوم آهي ته: جيڪو ٻانهو پنهنجي ڏينهن جي ابتدا ۽ انتها ڪنهن نيڪ عمل سان ڪري ٿو ته (ان جي برڪت سان) ان ڏينهن جا گناهه نه لکيا ويندا[4].
* اشراق ۽ چاشت جي نماز جنت ۾ داخل ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب (Cause) آهي.[5]
* جيڪو شخص پابنديءَ سان اشراق ۽ چاشت ادا ڪري ٿو، ان کي جنت ۾ گهر عطا ڪيو ويندو[6]. * جنهن اشراق جون چار رڪعتون ادا ڪيون، ڄڻ ته ان ”ليلة القدر“ ۾ چار رڪعتون پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي[7]. * چاشت جون ٻه رڪعتون انسان جي جسم جي تمام جوڙن (۽ اعضاء) جو صدقو بڻجي وڃن ٿيون. * اشراق ۽ چاشت جي نماز پڙهڻ جي برڪت سان حاجتون پوريون ٿين ٿيون ۽ پريشانيون دور ٿي وڃن ٿيون. [8] * اشراق ۽ چاشت جي نماز ادا ڪرڻ سان هڪ ”مقبول حج ۽ عمري“ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي[9]. * اوَّابين[10] ۽ چاشت جي نماز جي پابندي ڪندڙ جا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن.[11]
اوابين، اشراق ۽ چاشت نه پڙهڻ جو نقصان: هي نمازون نه پڙهڻ ڪيترن ئي
[3] بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ:4،صفحہ:675۔
[4]الجامع الصغیر ،صفحہ:513،حدیث :8423۔
[6] الجامع الصغير ،حديث :8800۔
[7] مشكاة المصابیح ،کتاب الآداب ،باب المصافحۃ والمعانقۃ،صفحہ:172،حدیث:4694۔
[8] سنن ترمذی ،ابواب الوتر ،باب ماجاء فی صلاۃ الضحیٰ،صفحہ:142،حدیث:475 ،ماخوذاً۔
[9] سنن ترمذی ،ابواب السفر ،باب ذکر مایستحب من الجلوس فی المسجد...الخ،صفحہ:171،حدیث:586 ۔
[10] المعجم الصغير ،صفحہ:624،حدیث :900۔
[11] سنن ابن ماجہ ،ابواب اقامۃ لصلوات ...الخ ،باب ماجاء فی صلاۃ الضحیٰ ،صفحہ:223حدیث :1382۔