Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

Book Name:Awaleen o Ishraq o Chasht Parhna

سکڻ  ۽  سيکارڻ جي حلقن جو  جدول

(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾  72 نيڪ اعمال   مان هڪ نيڪ عمل اَوَّابين ۽ اشراق و ڇاشت  جي مُتعلق مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ فرض نماز   کان بعد   جي دعا  ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: فرض حج ڪيو، بيشڪ ان جو اجر 20 غزوات ۾ شرڪت ڪرڻ کان وڌيڪ آھي ۽ مون تي ھڪ دفعو درود پاڪ پڙھڻ ان (فرض حج) جي برابر آھي. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

  اوَّابين ۽ اشراق ۽ چاشت  پڙهڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ  اسان کي سوالن جي صورت ۾ نيڪ اعمال جو هڪ عظيم رسالو عطا فرمايو آهي، ته جيئن اسان انهن نيڪ عملن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي الله پاڪ جو قرب  حاصل ڪري سگهون. اڄ اسان 72 نيڪ اعمال جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 34 جي باري ۾ سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.


 

 



[1]... مسند الفردوس ،جلد:2،صفحہ:130،حدیث :2662