Tahajud Parhna

Book Name:Tahajud Parhna

ٿيڻ آسان ٿيندو. * تهجد جي وقت اٿڻ جا اسباب پيدا ڪريو، مثال طور: الارم (Alarm)  سيٽ ڪري وٺو! جيڪو تهجد جي وقت سجاڳ ٿيندو هجي، ان کي چئي ڇڏيو ته مون کي به اٿاري ڇڏيندو ڪر. * قيلوله (Nap) ڪريو! منجهند جو ڪجهه دير آرام ڪرڻ کي قيلوله چئبو آهي. قيلوله مستحب آهي، رات جي بيداريءَ سبب جيڪا ٿڪاوٽ ٿيندي آهي، اها قيلوله سان ختم ٿي ويندي آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو: قيلوله ڪري رات جي قيام (تهجد) تي مدد حاصل ڪريو..![1]

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر 33  تهجد پڙهڻ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات حاصل ڪئي، نيت ڪريو ته هن نيڪ عمل کي اپنائيندي روزانو تهجد پڙهنداسين. الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا ننڊ مان بيدار  ٿيڻ  کان  بعد جي  دعا:

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْٓ اَحْیَانَا بَعْدَ مَآ اَمَاتَنَا وَاِلَیْہِ النُّشُوْر

 ترجمو: سڀ تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن، جنهن اسان کي موت (ننڊ) کان پوءِ حياتي (سجاڳي) عطا فرمائي ۽ اسان کي ان ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي. ([2])

 

 اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)

روزانو 56 نيڪ اعمال:


 

 



[1]سنن ابن ماجہ :کتاب الصیام ،باب ما جاء فی سحور ،صفحہ:671،حدیث ؛1693 ۔

[2]... بخاری ،کتاب الدعوات ،باب وضع الید الیمنی  تحت الخد الایمن ،صفحہ:1560،حدیث: 6314۔