Book Name:Tahajud Parhna
نيڪ عمل نمبر 33: ڇا اڄ اوهان تهجد جي نماز پڙهي؟ يا رات جو نه سمهڻ جي صورت ۾ ”صلواة الليل“ ادا ڪئي؟[1]
نمازِ عشا کان پوءِ فجر کان پهريان ننڊ مان اٿي جيڪا نماز پڙهي ويندي آهي، ان کي نمازِ تهجد چئبو آهي.[2]
وضاحت: رات جو ٻن قسمن جا نفل ادا ڪيا ويندا آهن: (1) عشاء پڙهڻ کان پوءِ سمهڻ کان سواءِ جيڪي نفل پڙهيا وڃن، ان کي صلواة الليل (رات جي نماز) چئبو آهي. (2) عشاء پڙهي ڪجهه دير سمهڻ ۽ وري فجر کان پهريان اُٿي نفل پڙهڻ، ان کي ”تهجد“ چيو ويندو آهي.
تهجد جي لاءِ عشاء پڙهي سمهڻ ضروري آهي. * جيڪڏهن ڪو شخص نه سمهيو ۽ رات جو جيڪي نفل پڙهندو ته اهي تهجد نه، بلڪ صلواة الليل (رات جي نماز) شمار ٿيندا. * اهڙي طرح عشاء پڙهڻ کان سواءِ سمهي پوڻ ۽ پوءِ رات جو اٿي نفل پڙهڻ به نمازِ تهجد نه آهي.[3]
تَتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّ طَمَعًا٘ (پارہ:21 ،السجدہ :16)
ترجموڪنزالعرفان: انهن جا پاسا پنهنجن بسترن کان پري رهن ٿا ۽ اهي ڊڄندي ۽ اميد رکندي پنهنجي رب کي پڪارين ٿا.
هن آيت ۾ ايمان وارن جا اوصاف بيان ڪيا پيا وڃن: * اهي رات جو پنهنجي ننڊ ۽ بسترن کي ڇڏي ڪري نمازِ تهجد ادا ڪندا آهن * الله پاڪ جي عذاب