Book Name:Tahajud Parhna
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل تهجد پڙهڻ جي مُتعلق مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ ننڍ مان جاڳڻ کان بعد جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: فرض حج ڪيو، بيشڪ ان جو اجر 20 غزوات ۾ شرڪت ڪرڻ کان وڌيڪ آھي ۽ مون تي ھڪ دفعو درود پاڪ پڙھڻ ان (فرض حج) جي برابر آھي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ اسان کي نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي لاءِ سوالن جي صورت ۾ ”نيڪ اعمال“ جو رسالو عطا فرمايو آهي ته جيئن اسان انهن سوالن جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺندي وڌ کان وڌ نيڪيون ڪيون ۽ گناهن کان پري رهون. اڄ اسان 72 نيڪ اعمال جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 33 بابت سکنداسين.