Book Name:Tahajud Parhna
فجر جي جماعت رهجي ويندي ته اهو هرگز نه سمهي. (6) نمازِ تهجد جي لاءِ ڪنهن به (فرض) نماز جي جماعت ڇڏڻ ناجائز ۽ گناهه آهي. مثال طور: نمازِ تهجد پڙهي ائين سمهي پوڻ جو فجر جي جماعت رهجي وڃي، اهڙي طرح ڪجهه ماڻهو ڏينهن جو آرام ڪندا آهن، جيڪڏهن ان آرام ۽ سمهڻ دوران ظهر جي جماعت قضا (ترڪ) ٿي وڃي ته اهو ناجائز ۽ گناهه آهي[1].
* تهجد جي نماز پڙهڻ الله پاڪ جي رضا جو سبب آهي.* تهجد جي نماز پڙهڻ الله پاڪ جي پيارن ٻانهن جو طريقو آهي. * تهجد جي نماز پڙهڻ الله پاڪ جي قرب جو ذريعو آهي * تهجد جي نماز پڙهڻ بخشش جو ذريعو آهي. * تهجد جي نماز پڙهڻ سان گناهن جي عادت ختم ٿي ويندي آهي. * تهجد جي نماز پڙهڻ وارا بي حساب جنت ۾ داخل ٿيندا * تهجد جي نماز پڙهڻ وارن جي لاءِ جنت ۾ اهڙا بالاخانه آهن جن جو اندريون حصو ٻاهران ۽ ٻاهريون حصو اندران نظر ايندو آهي[2]. * تهجد جي نماز پڙهڻ وارن کي امت جا بهترين ماڻهو فرمايو ويو آهي[3] * تهجد جي نماز پڙهڻ سان ماڻهوءَ جو چهرو نوراني ٿي ويندو آهي.
تَهَجّد جي نماز جي عادت بڻائڻ جي لاءِ
* تهجد جا فضائل ۽ ثواب (اجر) سامهون رکو. * دل ۾ نيڪين جي حرص (تڙپ) وڌايو! جنهن جي دل ۾ نيڪين جي حرص هوندي، ان جي لاءِ رات جو نماز لاءِ اٿڻ آسان هوندو آهي. * رات جو عشاء جي نماز پڙهي جلد سمهڻ جو معمول بڻايو! فضول گفتگو، موبائل جو بيجا استعمال ۽ بيڪار ڪمن ۾ مصروف ٿيڻ بدران جلد سمهي پئو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان سان تهجد جي لاءِ سجاڳ