Book Name:Tahajud Parhna
کان ڊڄندي ۽ * سندس رحمت جي اميد رکندي کيس پڪاريندا آهن.[1]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
ڇا مان اوهان کي ڀلائيءَ جا دروازا نه ٻڌايان؟ ۽ فرمايائون: (1) روزو ڍال (Shield) آهي. (2) صدقو گناهن کي ائين مٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باهه کي. ۽ (3) ٻانهي جو آڌي رات جو قيام ڪرڻ يعني نمازِ تهجد پڙهڻ. [2] هڪ حديثِ پاڪ جي مطابق فرض نمازن کان پوءِ سڀ کان افضل نماز تهجد آهي[3].
تَهَجُّد جي مُتعلق مخلتف احڪام
(1) نفل نمازن ۾ سڀ کان افضل تهجد جي نماز آهي[4]. (2) تهجد جي نماز لاءِ عشاء پڙهي سمهڻ[5] يا گهٽ ۾ گهٽ اک لڳڻ شرط آهي.[6] (3) عشاء جي نماز پڙهي جڏهن به سمهي اٿندؤ، ان وقت تهجد جو وقت شروع ٿي ويندو آهي ۽ فجر جو وقت شروع ٿيڻ تي ختم ٿيندو آهي، پر رات جي آخري حصي ۾ تهجد پڙهڻ بهتر آهي[7] ڇو ته رات جي آخري حصي ۾ الله پاڪ جون رحمتون ۽ ان جي رضا ٻانهي جي تمام ويجهو هوندي آهي. (4) افضل هي آهي ته تهجد جون 8 رڪعتون پڙهيون وڃن، 4 رڪعتون پڙهڻ وچ وارو درجو آهي، جڏهن ته تهجد جون گهٽ ۾ گهٽ 2 رڪعتون آهن .[8]
(5) تهجد پڙهي ڪجهه دير سمهڻ يا ليٽڻ سنت آهي.[9] پر ياد رهي ته ان سبب فجر جي جماعت نه رهجي، جيڪڏهن ڪنهن کي غالب گمان هجي ته سمهڻ سان
[1] جلالین مع حاشیہ صاوی ،پارہ:21،سورۃ السجدہ،تحت الآیۃ:16،جلد:3،صفحہ:21،ملخصاً ۔
[2]سنن ابن ماجہ ،کتاب الفتن ،باب کف اللسان فی الفتن ،صفحہ:640،حدیث :3973۔
[3]مسلم، کتا ب الصیام، با ب فضل صوم المحرم، صفحہ:424، حدیث:1163۔
[4] فتاوی رضویہ ،جلد:7،صفحہ:400،بتغیر قلیل ۔
[5] فتاوی رضویہ ،جلد:7،صفحہ:409،ملخصًا ۔
[6] فتاوی اہلسنت،فتاوی نمبر : WAT-2464۔
[7] فتاویٰ امجدیہ ، جلد 1 ، صفحہ 243 ،بتغیر قلیل ۔
[8] رد المحتار علی درالمختار ،جلد:2،صفحہ:567 ۔
[9] مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:233۔