Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
محبت نڪري، اسان دنيوي عيش و عشرت جي جڳهه آخرت جي آرام ۽ سڪون جا طلبگار بڻجي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت نَوۡف بَڪالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته هڪ رات امير المؤمنين موليٰ مشڪل ڪشاء حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻاهر نڪتا ۽ تارن جي طرف ڏسڻ لڳا پوءِ فرمايائون: اي نَوۡف! ستا پيا آهيو يا جاڳيل آهيو؟ مون عرض ڪيو يا اميرالمؤمنين! جاڳي رهيو آهيان. فرمايائون: اي نَوۡف! دنيا ۾ زُهد اختيار ڪرڻ ۽ آخرت ۾ رغبت رکڻ وارن جي لاءِ خوشخبري آهي. هي ئي اُهي ماڻهو آهن جن(رهڻ جي لاءِ عاليشان مڪان تعمير ڪرڻ جي بدران خالي) زمين کي اختيار ڪيو، ان جي خاڪ کي پنهنجو وڇاڻو بڻايو ۽ ان جي پاڻي کي خوشبو تصور ڪري ورتو، تلاوتِ قرآن ڪريم ۽ دعا کي پنهنجي پهچان ۽ شعار بڻائي ورتو، دنيا کان حضرت عيسي روح الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وانگر ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. (حلیۃ الاولیاء ،جلد:1،صفحہ:120۔)
اميرالمؤمنين حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شخص دنيا ۾ زهد اختيار ڪندو آهي الله پاڪ ان کي علم لدني سان نوازيندو ۽ بغير ڪنهن واسطي جي هدايت عطا فرمائيندو آهي، نور بصيرت عطا فرمائيندو ۽ ضلالت ۽ گمراهي کان بچائيندو آهي. (حلیۃ الاولیاء ،جلد:1،صفحہ:113 ،حدیث:225۔)