Dil Joii Kay Fazail

Book Name:Dil Joii Kay Fazail

سڀ کان وڌيڪ آهي۔ (ردالمحتار ،۹ /۶۷۸ ملخصاً) ٭ والدين سان حُسنِ سُلُوڪ جون مختلف صورَتون آهن، هدِيو ۽ تحفو (Gift) ڏيڻ ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ڪم ۾ مدد درڪار هجي ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات لاءِ وڃڻ، انهن وٽ ويهڻ اُٿڻ، انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ، انهن سان لُطف ۽ مهرباني سان پيش اچڻ۔ (دُرَر، ۱/۳۲۳ملخصاً) ٭ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: ياد رکو! جيڪڏهن توهان ماڻهن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش نه آيو ته هو توهان جا دشمن بڻجي ويندا توڙي جو اهي توهان جا ماءُ پيءُ ئي ڇو نه هجن۔ (امام اعظم کی وصيتيں،ص ۲۵) ٭ اولياءاللہ پنهنجي برائين ڪرڻ وارن بلڪ جاني دشمن سان به حُسنِ سلوڪ ڪندا آهن۔ (غيبت کی تباه ڪارياں، ص۳۴۲ ماخوذاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان اللہ پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان شيطان کي ان سان رَنج پهچندو آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان عمر وڌندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ (تَنبيه الغافِلين، ص ۷۳ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

اعلانات

اي عاشقانِ اولياء اسلامي ڀينرون! عنقريب رمضان جي مهيني جي آمد آمد آهي، ماهِ رمضان جي برڪتن جو ته ڇا چوڻ جو ان ۾ نفل جو ثواب فرض جي برابر ۽ فرض جو 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي، سڀئي ذميدار اسلامي ڀينرون هي نيت ڪن ته ماهِ رمضان جي برڪت کي ماڻڻ جي لاءِ ٻه اهم مدني ڪم ماهوار مدني حلقو ۽ هفته وار مدني دوري ۾ لازمي شرڪت ڪنديون سين.

سڀئي اسلامي ڀينرون نيت فرمائن ته هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪنديون سين جو جيڪڏهن اسان پابنديءَ سان هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪنديون سين ته سٺيون سٺيون ڳالهيون سکنديون رهنديون سين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه