Dil Joii Kay Fazail

Book Name:Dil Joii Kay Fazail

صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن کي اهو پسند هجي ته اللہ پاڪ ان کي پنهنجي عرش جي ڇانو ۾ جڳھ عطا فرمائي جنهن ڏينهن ان جي سوا ڪا ڇانو نه هوندي ته ان کي گھرجي ته تنگدست کي مهلت ڏئي يا ان جو قرض معاف ڪري ڇڏي۔ (الترغيب والترھيب ،ڪتاب الصدقات ،باب الترغيب في التيسير علي المعسر،۲/۲۴،حديث:۱۸) ٭ حاجت پوري ڪرڻ به دل جوئي جو سبب آهي۔ گناهگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا، اڃايلن کي جامِ ڪوثر سان سيراب فرمائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ٻانهو جيستائين پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ رهي ٿو اللہ پاڪ ان جي حاجت پوري فرمائيندو رهندو آهي۔ (مجمع الزوائد، ڪتاب البر والصلة، باب فضل قضاء الحوائج،۸/۳۵۳،حديث:۱۳۸۲۳) اللہ ڪريم اسان کي هن سميت دل جوئي جي تمام صورتن کي اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔              اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!دل جوئي جي لاءِ هڪ شيء جو هئڻ گھڻو ضروري آهي ۽ اها آهي ”نرمي“ (Kindness) نرمي دل جوئي جي لاءِ ڪيتري اهم آهي ان جو اندازو هن ڳالھ سان لڳايو ته نرمي جي بغير ڪئي ويندڙ دل جوئي ”دل آزاري“ ۾ به مبتلا ڪري سگھي ٿي۔ تنهنڪري دل جوئي ڪرڻ واريءَ جو نرم خو، نرم مزاج، نرم زبان، نرم انداز و نرم اطوار واري هئڻ گھڻو ضروري آهي۔ دل جوئي جو بنيادي مقصد ئي هي آهي ته ٻين اسلامي ڀينرن جي دلين ۾ خوشي داخل ڪئي وڃي جڏهن ته نرمي کي اپنائڻ بنا ٻين کي ناراض ته ڪري سگھجي ٿو انهن کي خوش نٿو ڪري سگھجي۔ ياد رکو! نرم زبان ۾ خرچ ڪجھ ناهي ٿيندو آهي پر ان سان نفعو گھڻو ٿيندو آهي، جڏهن ته تيز زبان استعمال ڪرڻ ۾ نقصان ئي نقصان آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن اسلامي ڀيڻ جي مزاج ۾ نرمي پيدا ٿي وڃي ته هوءَ سٺي انداز ۾ مدني ڪم ڪري سگهي ٿي۔ اللہ وارن جي هر دل عزيز بڻجڻ جو هڪ سبب اهو ئي آهي ته انهن جو ڪردار ۽ عادات و اطوار نرمي هوندو آهي۔ اللہ پاڪ اسان کي