Book Name:Dil Joii Kay Fazail
السنة، فضل عمر ، ۱/۷۷،حديث : ۱۰۵) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن جيڪي يتيمن بي سهارا ماڻهن جي خير خواهي جي لاءِ راتين جو جاڳي دورو ڪندا هئا۔ هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن جن جي راءِ جي مطابق قرآنِ ڪريم جون آيت سڳوريون نازل ٿيون۔ (تاريخ الخلفاء، ص۹۶، الصواعق المحرقة، ص۹۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جو فرمان آهي لَوْ مَاتَتْ شَاةٌ عَلَى شَطِّ الْفُرَاتِ ضَائِعَةً جيڪڏهن نهرِ فُرات جي ڪناري ٻڪري جو ٻچو به اڃايل مئو لَظَنَنْتُ أَنَّ اللهَ تَعَالٰی سَائِلِي عَنْهَا يَوْمَ الْقِيَامَةِ ته مان ڊڄان ٿو ته اللہ پاڪ مون کان ان جي باري ۾ حساب نه وٺي۔ (حلية الاولياء ، ۱/۸۹) ٭ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جيڪي اڪيلا هزارين ميل ڊگھي سلطنت جا تنها حڪمران هئا، ٭ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جو نالو ٻڌي قيصر و ڪسريٰ کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي۔
ايتري بلند وبالا شان و شوڪت جي باوجود اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻين جي ڪيئن دل جوئي ڪندا هئا، ايتري عظيم مقام ۽ مرتبي تي فائز هئڻ جي باوجود به اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻين جي خير خواهي ڪندا هئا۔ هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ به درس آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪا اسلامي ڀيڻ ڪنهن تڪليف ۾ هجي يا ڪنهن به معاملي ۾ ان کي اسان جي ضرورت هجي ۽ اسان ان جي پريشاني پري ڪرڻ جي قدرت به رکون ٿيون ته اسان کي به حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت تي عمل ڪندي پنهنجي اسلامي ڀيڻ جي دل جوئي ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي به حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪردار تي عمل پيرا ٿيندي ٻين جي خير خواهي ڪرڻ گھرجي۔ اچو! دل جوئي جي رغبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مزيد هڪ واقعو ٻڌون ٿيون:
(2)امام حسن ۽ مسڪينن جي دلجوئي
هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا امامِ حَسَن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪجھ اهڙن مسڪينن وٽان لنگھيا جيڪي راھ ۾ ويهي ماڻهن کان سُوال ڪري رهيا هئا ۽ زمين تي وکريل ماني جا بچيل ٽڪر کائي رهيا هئا، پاڻ اُنهن کي سَلام ڪيو، اُنھن سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ عرض ڪيو: اي رسول خدا جا ڏوهٽا! اسان سان گڏ کاڌو کائو! جڏهن انهن کائڻ جي دعوت ڏني ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايائون: اللہ