Dil Joii Kay Fazail

Book Name:Dil Joii Kay Fazail

وڏائي ڪرڻ وارن کي پسند ناهي ڪندو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن سان گڏ ڪجھ گرھ کاڌائون۔ وڃڻ مهل انهن کي سلام ڪندي فرمايائون: مون توهان جي دَعوت قَبُول ڪئي، توهان به منهنجي دعوت قَبُول ڪريو۔ اُنھن عرض ڪيو: حُضُور! جيئن اوهان فرمايو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُنهن کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن اهي پاڻ وٽ آيا ته پاڻ انهن کي عُمده کاڌو کارايو ۽ پاڻ به اُنهن سان گڏ کاڌائون۔  (احياء العلوم،۲/۴۵،بتغير)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! نواسَه رسول، جگر گوشَه بتول حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وڏي عمده اخلاق وارا هئا، باوجود بلند رُتبي هئڻ جي انهن مسڪينن ۽ غريبن جي دلجوئي جي خاطر انهن سان گڏ ويهي رهيا، ۽ بدلي ۾ انهن کي به پنهنجي گھر دعوت تي گھرايو۔ هن واقعي مان اهو درس ملي ٿو ته اسان کي به سڀني اسلامي ڀينرن سان پيار ۽ الفت ڀريو ورتاؤ (Behave) ڪرڻ گھرجي۔

حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو جنتي نوجوانن جا سرادر آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو وڏي رتبي وارا صحابي آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو اهلِ بيتِ مصطفيٰ ۾ شامل آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا موليٰ علي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا شهزادا آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو حضرت بي بي فاطمه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي جگر جو ٽڪر آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا آهن، پر ان جي باوجود به انهن ان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي دعوت رد نه ڪئي جڏهن ته اڄ اسان جي معاشري ۾ صورت حال ڪيتري عجيب ٿيندي پئي وڃي۔ اڄ جيڪڏهن ڪنهن ڪم ظرف کي ڪوئي دنياوي منصب ملي وڃي ته ان جو مزاج آسمان تي هليو ويندو آهي، هن حقير دنيا جو عهدو ملڻ کان پوءِ بعض ماڻهن جا زمين تي پير ٽِڪن نٿا، اهڙي ۾ پاڻ سان گڏ رهڻ وارن کي ائين وساريو ويندو آهي جيئن انهن سان ڪڏهن تعلق رهيو ئي نه هو، پنهنجي عزيزن کي هن طرح فراموش ڪيو ويندو آهي جيئن انهن سان ڪڏهن