Book Name:Dil Joii Kay Fazail
پنهنجي لاءِ پسند ڪري اهو ئي پنهنجي اسلامي ڀيڻ جي لاءِ به پسند ڪري۔ اچو! پنهنجي اندر پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏکويل اُمّت جي دل جوئي ۽ خيرخواهي جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ (2) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿيون،
٭ ارشادفرمايائون: ماڻهن جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريو ٿا، ان کي ٻين جي لاءِ به ناپسند ڪريو، جڏهن توهان ڳالهايو ته چڱي ڳالھ ڪريو يا خاموش رهو۔ (مسند احمد بن حنبل ، حديث معاذ بن جبل،۸/۲۶۶،حديث:۲۲۱۹۳)
٭ ارشاد فرمايائون: مؤمن ان وقت تائين پنهنجي دِين ۾ رهندو آهي جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي چاهيندو آهي ۽ جڏهن ان جي خيرخواهي کان جدا ٿي ويندو آهي ته ان کان توفيق جي نعمت کسجي ويندي آهي۔ (فردوس الاخبارللديلمي،باب اللام الف،۲/۴۲۹، حديث:۷۷۲۲)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! يقيناً دل جوئي هڪ برڪت ڀريو ڪم آهي۔ ٭ دل جوئي سان تعلقات مضبوط ٿين ٿا، ٭ دل جوئي سان ناراضي ختم ٿئي ٿي، ٭ دل جوئي سان محبتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ٭ دل جوئي سان معاشري ۾ خوشگوار فضا قائم ٿيندي آهي۔ ٭ دل جوئي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، ٭ دل جوئي سان دنيا بهتر ٿيندي آهي، ٭ دل جوئي سان قبر به سنورجي ويندي آهي، ٭ دل جوئي آخرت ۾ به ڪاميابيون ڏياريندي، سڀ کان وڌيڪ هي ته ٭ دل جوئي ڪرڻ واري اللہ پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي۔ ان ڪري دل جوئي جي عادت (Habit) بنائڻ گھرجي۔
ڪيئي اهڙا ڪم آهن جيڪي سٺي نيت هئڻ جي صورت ۾ دل جوئي ۾ شمار ٿي سگھن ٿا، اچو! اهڙا ڪجھ ڪم ۽ احاديثِ طيبه جي روشني ۾ انهن