Dil Joii Kay Fazail

Book Name:Dil Joii Kay Fazail

جون فضيلتون ٻڌون ٿيون۔ ٭ مريض جي عيادت هڪ اهڙو ڪم آهي جيڪو دل جوئي جو بهترين ذريعو آهي۔ عيادت ڪرڻ جون ٻه فضيلتون ٻڌو۔ (1) ارشاد فرمايائون: جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري ٿو ته هڪ منادي ان کي مخاطب ڪري چوندو آهي ته خوش ٿي وڃي ڇوته تنهنجو هي هلڻ مبارڪ آهي ۽ تو جنت ۾ پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو آهي. (ترمذي ،ڪتاب البر والصلة ، باب ماجاء في زيارة الاخوان ،۳/۴۰۶،حديث:۲۰۱۵) (2) فرمايائون: جنهن مريض جي عيادت ڪئي، جيستائين اهو ويهي نه رهي، درياءِ رحمت ۾ غوطو لڳائيندو رهي ٿو ۽ جڏهن ويهي رهي ته رحمت ۾ ٻڏي ويندو آهي۔ (مسند امام احمد، مسند جابر بن عبدالله۵/۳۰،حديث: ۱۴۲۶۴) ٭ تعزيت به دل جوئي وارن ڪمن مان هڪ آهي۔ ڪو فوت ٿي وڃي يا ڪنهن کي ڪجھ نقصان ٿئي ته ان سان تعزيت ڪرڻ ڪيڏي وڏي اجر جو سبب آهي اچو ان جون ٻه فضيلتون ٻڌو، (1) فرمايائون: جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو ان جي لاءِ ان مصيبت زده جيترو ثواب آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في اجر من عزي مصابا،۲/۳۳۸، حديث: ۱۰۷۵) (2) فرمايائون: جيڪو مومن ٻانهو پنهنجي ڪنهن مصيبت زده ڀاءُ جي تعزيت ڪندو اللہ پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي ڪرامت جو جوڙو پارائيندو۔ (ابن ماجه، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في ثواب من عزي مصابا،۲ /۲۶۸، حديث:۱۶۰۱ ) ٭ اسلامي ڀينرن سان مُرڪي ملڻ به دل جوئي جي هڪ صورت آهي۔ ٻين کي تسڪين ڏيڻ وارا آقا، هميشه تبسم فرمائڻ وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: توهان ماڻهن کي پنهنجي مال مان خوش نٿا ڪري سگھو پر توهان جي خنده پيشاني ۽ خوش اخلاقي انهن کي خوش ڪري سگھي ٿي۔ (شعب الايمان،باب في حسن الخلق، ۶/۲۵۴، حديث:۸۰۵۴) ٭ ٻين اسلامي ڀينرن جي پريشاني پري ڪرڻ به دل جوئي جو ذريعو آهي۔ رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو ڪنهن مسلمان جي هڪ پريشاني پري ڪندو اللہ پاڪ قيامت جي پريشانين مان ان جي هڪ پريشاني پري فرمائيندو۔ (مسلم،ڪتاب البر والصلة،باب تحريم الظلم، ص۱۰۴۹،حديث: ۲۵۸۰ملتقطاً) ٭ ضرورت مند کي قرض ڏيڻ سان به دل جوئي ٿيندي آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: هر قرض صدقو آهي۔ (شعب الايمان،باب في الزڪاة،۳/۲۸۴، حديث:۳۵۶۳) ٭ تنگ دست مقروض کي مهلت ڏيڻ جتي ثواب جو ڪم آهي اتي دل جوئي جي ڪمن مان به آهي شفقت و مهرباني فرمائڻ واري آقا، ڪرم و عنايت جي برسات ڪرڻ واري مصطفيٰ