Dil Joii Kay Fazail

Book Name:Dil Joii Kay Fazail

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي هن وقت دنيا جي 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾، تقريبًا 100 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي دينِ اسلام جي خدمت جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. هنن ئي شعبن ۾ امت جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ دارالافتاء اهلسنت، عالم ۽ مفتي بڻائڻ جي لاءِ جامعة المدينه(للبنين و للبنات) قرآنِ پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدرسة المدينه(للبنين و للبنات. جز وقتي، رهائشي آن لائن، بالغان) قيدين جي لاءِ مجلسِ اصلاح براءِ قيديان، معاشري جي لتاڙيل طبقي يعني گونگن ٻوڙن ۽ نابينائن جي لاءِ مجلس ”خصوصي اسلامي ڀائر“ امت جي عقيدن ۽ عملن جي اصلاح جي خاطر مستند ڪتاب ۽ رسالا لکڻ جي لاءِ مدني عالمن تي مشتمل ”مجلس المدينةُ العلميه“ معياري تقاضن جي مطابق ڇاپڻ جي لاءِ ”مڪتبة المدينه “ ۽ وري دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمي (translation) جي لاءِ ”مجلسِ تراجم“۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي ڦهلجڻ واري فحاشي ۽ عرياني جي سيلاب جي اڳيان مظبوط بند ٻڌڻ وڌيڪ اسلام جي دشمنن جي مذموم مقصدن جو مؤثر جواب ڏيڻ ۽ اسلام جي حقيقي تعليمات کي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ ”مدني چينل“ دعوت اسلامي جي ويب سائٽ ((www.dawateislami.net مجلس آئي ٽي (I.T) مصروفِ عمل آهي. مبلغن ۽ مدني قافلن وغيره جي ذريعي سڄي دنيا جي مسلمانن کي قرآن ۽ سنت جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ ”مجلس بيرونِ ملڪ“ وغيره وغيره شعبا دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شورٰي جي تحت رات ڏينهن ڪوشش ڪري رهيا آهن. جهڙي طرح جسم جا سمورا عضو افاديت ۽ اهميت ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهن، بلڪل ائين ئي دعوت اسلامي جي انهن شعبن مان هر هڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، الغرض جنهن تحريڪ جو ٻج 1981.ء ۾ دعوت اسلامي جي نالي سان لڳايو ويو، اڄ اهو ڪم و پيش 103 کان وڌيڪ مظبوط ڏارين وارو ڇانو ڪندڙ، پاڙ هڻندڙ ۽ ميوو ڏيندڙ وڻ ٿي چڪو آهي جنهن جون ٽاريون 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڦهلجي ويون آهن يقينا انهن مدني ڪمن جي لاءِ تمام گهڻي رقم جي ضرورت هوندي آهي.

پياريون اسلامي ڀينرون! رجب المرجب شعبان المعظم ۽ رمضان المبارڪ ۾ مدني عطيات گڏ ڪرڻ جو بهترين موقعو هوندو آهي تنهنڪري اڄ کان ئي ڀرپور ڪوشش ڪري عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ”دعوت اسلامي“ جي مدني ڪمن جي لاءِ پنهنجي زڪوٰة، فطرو، مدني عطيات، صدقات ۽ خيرات وغيره ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسلامي ڀينرن کان به گڏ ڪرڻ جي ترڪيب بڻايون