Book Name:Dil Joii Kay Fazail
کي اللہ جي رحمت سان پري نه ڪري ڇڏي انهيء ڪري ايمانداري کي پنهنجو شعار بڻايون جو حضرت سيدنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: ”ڪنهن شخص جي نماز ۽ روزي کان ڌوڪي ۾ نه اچجو جيڪو چاهي نماز پڙهي ۽ جيڪو چاهي روزا رکي پر جيڪو امانت دار نه آهي اهو ديندار نه آهي.“(شعب الايمان)
ياد رهي! ته عفو و درگزر پنهنجي ذات جي حق تلف ٿيڻ تي ٿيندو آهي پر اهڙي غلطي جنهن ۾دعوت اسلامي جي مدني ڪمن جو يا مدني عطيات وغيره جو نقصان ٿئي جيئن عطيات ۾ گهٽ وڌ ڪري ڇڏيو ته هاڻي هتي ڪنهن سان معافي گهري ويندي ڇو ته عطيات ڪنهن نگران جي ملڪ ته ناهن هوندا پوءِ هي نگران ڪيئن معاف ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جيڪڏهن اللہ نه ڪري ڪڏهن نقصان ٿيو ته توبهه به ڪرڻي پوندي ۽ گهٽ وڌ واري رقم پنهنجي مال مان ادا به ڪرڻي پوندي.
حضرت عدي بن عمير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي، فرمائن ٿا: حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اسان توهان مان جنهن کي ڪنهن ڪم تي عامل بڻايون پوءِ اهو اسان کان سوئي يا ان کان به ننڍي شيءِ لڪائي ته اها خيانت آهي، جنهن کي قيامت جي ڏينهن آڻيندو.“
هن حديث جي شرع ۾ حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني خيانت ننڍي هجي يا وڏي قيامت ۾ سزا ۽ رسوائي جو باعث آهي خاص طور جيڪا خيانت زڪوٰة وغيره ۾ ڪئي وڃي ڇو ته اها عبادت ۾ خيانت آهي ۽ ان ۾ اللہ جو حق مارڻ آهي ۽ فقيرن کي انهن جي حق کان محروم ڪرڻ، رب تعالٰي فرمائي ٿو.
وَ مَنْ یَّغْلُلْ یَاْتِ بِمَا غَلَّ یَوْمَ الْقِیٰمَةِۚ
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪو به ڪجهه لڪائي رکندو سو قيامت جي ڏينهن پنهنجي لڪايل شيء کڻي ايندو.(آلِ عمران آيت161) (مراٰة المناجيح شرح مشڪوٰة المصابيح ج 3،ص 15)
تنهنڪري اچو! ملي ڪري سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون ته اسان کي جنهن طرح جا به مدني عطيات، زڪوٰة فطره ۽ صدقو وغيره جيڪو ڪجهه ملندو اهو امانداري سان پنهنجي ذميدار اسلامي ڀيڻ تائين پهچائينديون سين ۽ ڪنهن به طرح جي حيلي سان ڪم نه وٺنديون سين ان لاءِ بهتر آهي ته سڀئي اسلامي ڀينرون شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪتاب ”چندي جي باري ۾ سوال جواب “ ۽ ڪتاب ”چندي جون شرعي