Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
الْمَسِّؕ-ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَالُوْۤا اِنَّمَا الْبَیْعُ مِثْلُ الرِّبٰواۘ-وَ اَحَلَّ اللّٰهُ الْبَیْعَ وَ حَرَّمَ الرِّبٰواؕ- (پ۳، البقرۃ:۲۷۵) بڻايو هجي، اهو ان لاءِ جو انهن چيو ته بيع به ته وياج وانگر ئي آهي، ۽ الله حلال ڪيو بيع کي ۽ حرام ڪيائين وياج کي۔
صدرُ الافاضل حضرت علّامه مولانا سَيد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت تحت فرمائن ٿا: معني هي آهي ته جيئن آسيب زده سڌو بيهي نٿو سگھي، ڪري پوندو آهي، قيامت جي ڏينهن وياج خور جو اهڙو ئي حال ٿيندو ته وياج سان ان جو پيٽ نهايت وزني ٿي پوندو ۽ هو ان جي وزن سان ڪري پوندو۔ مزيد فرمائن ٿا ته هن آيت ۾ وياج جي حرمت ۽ وياج خورن جي شامت جو بيان آهي وياج کي حرام فرمائڻ ۾ گھڻيون حڪمتون آهن بعض ان مان هي آهن ٭ وياج ۾ جيڪا اضافو ورتو ويندو آهي اهو هڪ ٻئي کان مالي ڏي وٺ ۾ هڪ مقدار مال جو بنا بدل ۽ عوض جي وٺڻ آهي هي سراسَر ناانصافي آهي۔ ٭ وياج جو رواج واپار کي خراب ڪري ٿو ڇو ته وياج خور کي بنا محنت جي مال جو ملڻ واپار جي مشقتن ۽ خطرن کان ڪٿي وڌيڪ آسان معلوم ٿيندو آهي ۽ تجارتن جي ڪمي انساني معاشرت کي ضَرَر (يعني نقصان) پهچائيندي آهي۔٭ وياج جي رواج سان باهمي موَدَّت (يعني پاڻ ۾محبّت) جي سُلوڪ کي نُقصان پهچندو آهي ڇوته جڏهن انسان وياج جو عادي هجي ته هو ڪنهن کي”قرضِ حسن“ ذريعي امداد پهچائڻ پسند نٿو ڪري۔ ٭ وياج سان انسان جي طبيعت ۾ درندن کان وڌيڪ بي رحمي پيدا ٿيندي آهي ۽ وياج خور پنهنجي مَديون (يعني مقروض) جي تباهي ۽ بربادي جو خواهش مند رهي ٿو ان جي علاوه به وياج ۾ ٻيا وڏا وڏا نقصان آهن ۽ شريعت جي مُمانَعَت عين حڪمت آهي۔(خزائن العرفان، ص ۹۶ تا ۹۷ملخصاً)