Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

ٻه (2) مستقل ڪم هئا، هڪ مدرَسي ۾ تدريس(يعني پڙھائڻ)، ٻيو پريس جو ڪم، ڪتابن جي روانگي، خطن جا جواب، آمد وخرچ جو حساب، اهي سڄا ڪم اڪيلا ئي ڪندا هئا۔ انهن ڪمن کان علاوه فتوئن جي نقل ۽ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ رهي، فتويٰ لکڻ، اهو ڪم به مستقل طور تي انجام ڏيندا هئا۔ پوءِ شهر ۽ ٻين شهرن جا اڪثر تبليغِ دين جي جلسن ۾ به شرڪت ڪندا هئا۔ (تذکرۂ صدرُ الشريعہ،ص۱۵)

مصنِّف بھی، مقرِّر بھی، فَقیہِ عصرِ حاضِر بھی

وہ اپنے آپ میں تھا اِک ادارہ علم و حکمت کا

(ماہنامہ اشرفيہ، صدرُ الشريعہ نمبر،ص۲۸۶)

شعر جي سمجھاڻي! هن شعر جو مطلب هي آهي ته حضرت علامه مولانا مُفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ئي وقت ۾ مُصنِّف به هئا، يعني ڪتاب به لکندا، بيان به ڪندا ۽ پنهنجي وقت جا تمام وڏا عالِم به هئا، پاڻ پنهنجي ذاتِ پاڪ ۾ علم جو اِدارو هو۔ سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي ڏينهن ۾ کوڙ سارن ڪمن کي احسن طريقي سان بآساني سرانجام ڏيندا هئا۔ ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن اسان مان ڪنهن کي ايتريون ذميداريون ڏنيون وڃن ته پنهنجي ٻين مصروفيتن جو سوچي شايد اسان اهي ذميداريون وٺڻ کان معذرت ڪري وٺون ڇوته گھٽ وقت ۾ وڌيڪ معاملن کي بهترين طريقي سان ادا ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي ۽ پوءِ انهن سڀني مصروفيتن جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خوفِ خدا ۽ اتباعِ