Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

اُذکُرُالله تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

المدد يا غوثِ اعظم

      بغداد جو هڪ عالمِ دِين جمعي نماز کان پوءِ پنهنجي شاگردن سان گڏ فاتحه خواني جي لاءِ قبرستان ويو ته اتي هڪ ڪارو نانگ ڏٺو ته انهن ان کي ماري وڌو۔ ڪجھ دير کان بعد مٽي ۽ دُز اُڏامي ۽ هو پنهنجي شاگردن جي نگاهن کان غائب ٿي ويو۔ پنهنجي استاد صاحب جي اوچتو گم ٿيڻ تي سڀئي شاگرد گھڻو حيران ۽ پريشان ويٺل هئا۔ ڪجھ دير کان پوءِ ڏٺائون ته اُستادِ محترم اعليٰ قسم جو لباس پائي اچي رهيا آهن۔ جڏهن انهن کان مُعاملو پڇيو ويو ته فرمائڻ لڳا: مون کي جنّات کڻي هڪ ٻيٽ (Island) ۾ وٺي ويا ۽ مون کي دريا ۾ غوطو ڏيڻ کان بعد پنهنجي بادشاھ جي اڳيان حاضر ڪيائون۔ مون ڏٺو ته جنن جو بادشاھ هٿ ۾ اُگھاڙي تلوار کڻي تخت تي ويٺل آهي ۽ ان جي اڳيان هڪ نوجوان جو لاش رکيل آهي جنهن مان رت وهي رهيو هو۔ جنن جي بادشاھ منهنجي باري ۾ پڇيو ته ان کي ٻڌايو ويو ته هي شخص ئي ته ان جو قاتل آهي۔ اهو ٻڌندي ئي بادشاھ غضبناڪ ٿي چوڻ لڳو ته ان تنهنجو ڪو نُقصان ناهي ڪيو پوءِ به تون ان کي ناحق قتل ڪري ڇڏيو؟ مون چيو: ان نوجوان کي مون قتل ناهي ڪيو، اوهان جا خادم مون تي اِلزام هڻي رهيا آهن۔ خادمن چيو ته ان جي قاتل هئڻ جو ثبوت هي آهي ته ان شخص جي لٺ رت سان ڀريل آهي۔ مون چيو ته هي رت ته هڪ نانگ جو آهي جنهن کي مون