Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

فوج کي چيڀاٽي ڇڏيو ۽ اسلامي لشڪر جي زبردست حملن کي برداشت نه ڪندي ڪافرن جو لشڪر ميدان جنگ مان ڀڄڻ لڳو ۽ اسلامي لشڪر فتح جو جهنڊو بلند ڪيو۔             (تاريخ الخلفاء، ص۹۹)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان واضح ٿي ويو ته پري کان ڪنهن کي مُلاحظه ڪرڻ يا پري جي آواز کي ٻڌڻ الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا سان بلڪل ممڪن آهي۔ هن سائنسي ترقي جي دؤر ۾ هن ڳالھ کي سمجھڻ هونءَ به مشڪل نه آهي ته اڄ اسان جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ ويهي نه صرف ڪنهن سان ڳالھ ڪري سگھون ٿا بلڪه ڏسي به سگھون ٿا، مثال طور اوهان بغداد شريف جي ڪنهن اسلامي ڀاءُ جو فون نمبر ملايو، فون تي هو اوهان سان هڪ سائنسي ڪنڪشن جي ذريعي ڳالھ ڪندو، ته جڏهن ايتري ڊگھي مسافت جي باوجود فون جي ذريعي هڪ ٻي جو آواز ٻڌي سگھجي ٿو، ويڊيو ڪالز (Video Calls) جي ذريعي هڪ ٻي کي ڏسي به سگھجي ٿو ته جيڪي الله ڪريم جا ولي آهن، جن جي باري ۾ حديثِ پاڪ ۾ اهو ارشاد موجود آهي ته ٻانهو نفل جي ذريعي منهنجو قُرب حاصل ڪندو رهي ٿو ايستائين جو مان ان کي پنهنجو مقبول ٻانهو بڻائي ڇڏيندو آهيان، ته پوءِ مان ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو پڪڙيندو آهي ۽ ان جا ڪن بڻجي ويندو آهيان جنهن ذريعي هو ٻڌندو آهي، مان ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان جنهن سان اهو ڏسندو آهي، مان ان جي زبان بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو ڳالهيندو آهي، مان ان جا پير بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو هلندو آهي۔ (صحيح البخاري، کتاب الرقاق،باب التواضع،۴/۲۴۸،الحديث: ۶۵۰۲) يعني الله پاڪ انهن کي تمام گھڻي طاقت عطا ڪندو آهي ته هو پري وارن کي ڏسي وٺندا آهن ۽ انهن جو فرياد به ٻڌي وٺندا آهن، دلين کان آر پار نظر ڪندا آهن، جڏهن انهن کي پري