Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

اللّٰه کی رحمت        غوثِ پاڪ       ہيں باعثِ برکت      غوثِ پاڪ

ہيں صاحبِ عزّت     غوثِ پاڪ       دريائے کرامت        غوثِ پاڪ

٭ مرحبا يا غوثِ پاڪ ٭ مرحبا يا غوثِ پاڪ ٭ مرحبا يا غوثِ پاڪ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي وڃون، پري پري تائين بظاهر ڪو مددگار به نظر نه اچي ته اهڙي حالت ۾ پنهنجي پيرومرشد حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلانيرَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي حاجت رَوائي جي لاءِ پُڪارڻ گھرجي ته ”ياغوثِ پاک منهنجي مدد کريو“ ته الله پاڪ جي رحمت مان اُميد آهي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي پريشان حال مريد جي مُشڪل ڪشائي جي لاءِ تشريف کڻي ايندا ۽ اهڙي مشڪل وقت ۾ بزرگن کي مدد جي لاءِ پڪارڻ جي ته حديثِ پاڪ ۾به ترغيب موجود آهي، نبي ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جڏهن توهان مان ڪنهن جي ڪا شيء گم ٿي وڃي يا رستو وسري وڃي ۽ مدد چاهي ۽ اهڙي جاءِ هجي جتي ڪو همدم (يعني يارو مددگار) ناهي ته ان کي کپي ته ائين پڪاري: ياعِبَادَالله اَغِيثُونِي، ياعِبَادَالله اَغِيثُوْنِي  اي الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانهو! منهنجي مدد ڪريو، اي الله جا ٻانهو! منهنجي مدد ڪريو۔ ته الله پاڪ جا ڪجھ ٻانها آهن جن کي هي ناهي ڏسندو۔        

                                                      (المُعجَم الکبِير ج۱۷ /۱۱۷، حديث:۲۹۰)

      اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو مصيبت ۾ مون کان فرياد ڪري يا مون کي پڪاري ته مان ان جي مصيبت کي پري ڪندس ۽ جيڪو منهنجي وسيلي سان الله ڪريم کان پنهنجي حاجت طلب ڪندو ته ربِّ ڪريم ان جي حاجت کي پورو ڪندو۔        (بهجۃالاسرار،ذکرفضل اصحابه وبشراهم، ص۱۹۷)