Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

الله پڙهي پيئڻ شروع ڪري پهرين ساهي جي آخر ۾ اَلۡحَمۡدُلله ٻي کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله رَبِّ العٰلَمِيۡن ۽ ٽين کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله رَبِّ العٰلَمِيۡنِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پڙهي. (احياءُالعلوم ج 2 ص 8) ٭ گلاس مان بچيل مسلمان جي اَوبر واري صاف پاڻي کي استعمال لائق هجڻ جي باوجود هروڀرو اڇلائڻ نه کپي ٭ منقول آهي: سُـؤرُ المُؤمِنِ شِفاءُ يعني مسلمان جي اوبر ۾ شِفا آهي. (الفتاويٰ الفقيهة الڪبريٰ لابن حجر الهيتمي ج 4 ص 117، ڪشف الخفاء ج 1 ص 384) ٭ پيئڻ جي ڪجھ گھڙي بعد خالي گلاس کي ڏسندا ته ان جي پاسن مان ڪجھ قطرا هيٺ جمع ٿي چڪا هوندا ان کي به پي ڇڏيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں۽آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد