Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ لقب رسولُ الثقلين آهي يعني پاڻ سڳورا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّات ۽ انسانن جا رسول، ته اهڙي طرح غوثِ پاڪ به جنّات ۽ انسانن جا پير ۽ مرشد آهن ۽ انهن تي به سندن حڪومت ۽ سلطنت جاري آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي غوثِ پاڪ جو شان ۽ عظمت تمام بلند آهي پاڻ پنهنجي چاهيندڙن جي مشڪل حل ڪندا آهن، ڪو حاجت طلب ڪري ته ان جي حاجت پوري ڪندا آهن۔ ڪو مدد جي لاءِ پُڪاري ۽ سچي دل سان فرياد ڪري ته ان جي مدد به فرمائيندا آهن۔ اچو! انهيءَ ضمن ۾ هڪ نهايت ئي پياري حڪايت ٻڌون ٿا، جيئن ته

هڪ شخص جنهن جي پيءُ جو انتقال ٿي چڪو هو، ان حضور سَيدُنا غوثُ الاعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: ''گذريل رات، خواب ۾ مون پنهنجي والد کي عذاب ۾ مبتلا ڏٺو ته منهنجي والدِ مرحوم مون کي چيو ته ”مون کي عذابِ قبر ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، تون سيّدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي منهنجي لاءِ بخشش جي دعا جي درخواست ڪراءِ. غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه پڇيائون ته ”ڇا توهان جا والد ڪڏهن منهنجي مدرسي جي اڳيان گذريا هئا؟“ ان شخص جواب ڏنو: ”جي ها۔“ اهو ٻڌي پاڻ خاموشي اختيار فرمائي، پوءِ اهو شخص پنهنجي گھر هليو ويو۔رات جو ان پنهنجي والد کي خواب ۾ گھڻو خوش ۽ سڪون ۾ڏٺو، انهن سبز لباس پائي رکيو هو۽ فرمائي رهيا هئا ته ”غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْهجي دعا سان اللهعَزَّوَجَلَّ منهنجو عذاب ختم ڪري ڇڏيوآهي۽ انهيءَ جي فيض سان مون کي اهو لباس پارايو ويو آهي، تنهنڪري مان تو کي هدايت ڪيان ٿو ته سندن خدمت ۾حاضري پاڻ تي لازم ڪري ڇڏ۔“ان شخص اهو واقعو غوثِ اعظمرَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاھ ۾ پيش ڪيوته پاڻ فرمايائون ته”خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مون سان اهو وعدو ڪيو ويو آهي ته جيڪو به منهنجي مدرسي وٽان لنگھي ته ان جي عذاب ۾ڪمي ڪئي ويندي۔ (بهجۃ الاسرار،باب ذڪر فضل اصحابه و بشراھم ،ص۱۹۴)