Book Name:Peer Shareef Ka Roza Rakhna
جو وسيلو آهي.* روزو رکڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي. * قيامت جي ڏينهن روزيدارن جي وات مان مشڪ جي خوشبو ايندي.* ۽ انهن لاءِ عرش جي هيٺان دسترخوان لڳايو ويندو، جتان اهي کائيندا ۽ پيئندا. * روزو رکڻ صحت ۽ تندرستيءَ جو سبب آهي، مثال طور: روزو رکڻ سان معدي جون بيماريون (Gastrointestinal Diseases) ٺيڪ ٿينديون آهن. نظامِ هضم (Digestive System) بهتر ٿيندو آهي. روزو رکڻ سان شوگر ليول، ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر متوازن (Moderate) رهندو آهي. روزو رکڻ سان جسماني ڇڪ، ذهني دٻاءُ، ڊپريشن ۽ نفسياتي بيمارين (Psychological Disorders) جو خاتمو ٿئي ٿو. روزو رکڻ سان ٿولهه (موٽاپي) ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ واڌو چرٻي ختم ٿيندي آهي. روزو رکڻ سان قوتِ مدافعت (بيمارين سان وڙهڻ جي طاقت) ۾ واڌارو ٿيندو آهي.
نفل روزا رکڻ جي عادت بڻائڻ جا طريقا
* نفل روزا رکڻ جي فضيلتن ۽ فائدن کي پنهنجي پيشِ نظر رکو! * نفل روزو رکندڙ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪريو! ان لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان سلهاڙيل رهو! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ نفل روزن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي ۽ ڪثير تعداد ۾ اسلامي ڀائر نفل روزا رکندا آهن. * بزرگانِ دين جي روزا رکڻ متعلق واقعن جو مطالعو فرمايو، خاص طور تي ڪربلا وارن جي بک ۽ اُڃ کي ياد ڪيو وڃي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان 72 نيڪ عملن جي رسالي مان هفتيوار نيڪ عمل نمبر 64 موجب نفل روزن جي عنوان تي نهايت ئي مفيد معلومات حاصل ڪئي آهي، نيت ڪريو ته هن نيڪ عمل کي اپنائيندي هر هفتي هڪ نفل روزو ضرور رکنداسين. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد