Book Name:Peer Shareef Ka Roza Rakhna
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل سُومر شريف جو رکڻ جي مُتعلق مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ افطار جي وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: توهان مون تي درود شريف پڙهو! بيشڪ هي توهان جي لاءِ پاڪيزگي آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ اسان کي سوالن جي صورت ۾ ”نيڪ اعمال“ جو رسالو عطا فرمايو آهي، ته جيئن اسان انهن نيڪ عملن کي اپنائي پنهنجي اصلاح ۽ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪري سگهون. 72 نيڪ عملن مان هفتيوار نيڪ عمل هي آهي : ڇا هن هفتي سومر شريف جو (يا رهجي وڃڻ جي صورت ۾ ڪنهن به ڏينهن جو) روزو رکيو؟
هن نيڪ عمل ۾ سومر شريف يا هفتي ۾ ڪنهن به ڏينهن نفل روزو رکڻ جي