Peer Shareef Ka Roza Rakhna

Book Name:Peer Shareef Ka Roza Rakhna

ترغيب ڏياري وئي آهي، ته اڄ اسان نفل روزن جي باري ۾ ٻڌنداسين.

روزي جا  قسم

روزا 5 قسمن جا آهن: (1)  فرض: رمضان جا ادا ۽ قضا، ۽ قَسم وغيره جي ڪفاري جا روزا (2). واجب: منت وغيره جا روزا. (3) نفل ۽ مستحب:  فرض ۽ واجب کان علاوه، مثال طور: * عاشوره يعني 10 محرم جو روزو، ان سان گڏ 9 محرم جو به شامل ڪيو وڃي * شوال جا 6 روزا * عرفه يعني 9 ذوالحج جو روزو * هر سومر ۽ خميس جو روزو * ايامِ بيض (يعني هر قمري مهيني جي 13، 14 ۽ 15 تاريخ) جو روزو رکڻ اهي سڀ نفل روزا آهن (4) مڪروههِ تنزيھي: صومِ وصال يعني روزو رکي افطار نه ڪرڻ ۽ بغير افطار ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن جو وري روزو رکي وٺڻ هي مڪروههِ تنزيھي آهي (البت افضل هي آهي ته صومِ دائودي رکيا وڃن، يعني هڪ ڏينهن روزو رکڻ  ۽ هڪ ڏينهن روزو نه رکڻ .(5) مڪروههِ تحريمي:  عيد الفطر ۽ اَيّامِ تشريق (يعني 10، 11، 12 ۽ 13 ذوالحج)  جا روزا    .[1]

 آيتِ مبارڪه

كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓــٴًـۢا بِمَاۤ اَسْلَفْتُمْ فِی الْاَیَّامِ الْخَالِیَةِ(۲۴) (پارہ:29،سورۂ حاقہ:24)

ترجموڪنزالعرفان: (چيو ويندو؛) گذري ويل ڏينهن ۾ جيڪي توهان اڳتي موڪليو، ان جي بدلي ۾ هاڻي مزي سان کائو ۽ پيو.

آيت ۾ گذري ويل ڏينهن مان مراد روزن جا ڏينهن آهن. مطلب ته قيامت جي ڏينهن روزيدارن کي چيو ويندو: توهان دنيا ۾ الله پاڪ جي رضا خاطر بکايل ۽ اڃايل رهيا، تنهنڪري اڄ (ان جي بدلي ۾) خوشيءَ سان کائو ۽ پيئو.[2]

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



 [1] بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ :5،صفحہ:966 ـ 967۔

[2] تفسیر روح البیان ،پارہ :29،سورۂ حاقۃ ،تحت الآیۃ :29،جلد:7،صفحہ:143۔