Peer Shareef Ka Roza Rakhna

Book Name:Peer Shareef Ka Roza Rakhna

جنهن هڪ نفل روزو رکيو، الله پاڪ ان کي جهنم کان ايترو پري ڪري ڇڏيندو، جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ مفاصلو (Distance) آهي[1].

 سومر شريف جو روزو

* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: سومر ۽ خميس تي (الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ٻانهن جا) عمل پيش ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري مان هي پسند ڪريان ٿو ته منهنجو عمل ان وقت پيش ٿئي جڏهن مان روزيدار هجان.[2] * نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان سومر جي ڏينهن روزو رکڻ بابت پڇيو ويو، ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  (ان جو سبب بيان ڪندي) فرمايو: هن ئي ڏينهن منهنجي ولادت ٿي ۽ هن ئي ڏينهن مون تي وحي نازل ٿي.[3]

 نفل روزي بابت احڪام

 (1) نفل روزو شروع ڪرڻ سان ئي واجب ٿي ويندو آهي،[4]  شرعي عذر جي بغير ان کي ٽوڙڻ ناجائز ۽ گناهه آهي[5]. (2) جيڪڏهن والدين نفل روزو رکڻ کان روڪين، ته انهن جي فرمانبرداري ڪئي وڃي. (3) ملازم يا مزدور وغيره جيڪڏهن نفل روزو رکن ۽ ان سان ڪم ۾ سستي اچي، ته کين اداري يا جنهن وٽ ڪم ڪن ٿا، تنهن جي اجازت کانسواءِ نفل روزو نه رکڻ گهرجي. پر جيڪڏهن روزو رکي باقاعدگي سان ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي يا ڪوتاهي نٿي ٿئي، ته نفل روزو رکڻ لاءِ اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي.[6]

نفل روزو رکڻ جون فضيلتون ۽ فائدا

* نفل روزو الله پاڪ جي رضا جو سبب آهي.* روزو رکڻ گناهن کان بچڻ


 

 



[1]بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ :5،صفحہ:966 ـ 967۔

[2]  سنن ترمذی ابواب الصوم عن رسول اللہ صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم،باب ماجاء صوم  یوم ...الخ،صفحہ:208،حدیث :747۔

[3]   مسلم ،كتاب الصیام ،باب استحباب ثلاثۃ ایام ...الخ ،صفحہ:423،حدیث :1162۔

[4] بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ :5،صفحہ:1007۔

[5] بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ :5،صفحہ:1007۔

[6]  بہارِ شریعت ،جلد:1،حصہ :5،صفحہ:1008۔