Gussay Par Kabo Karna

Book Name:Gussay Par Kabo Karna

(1) غُصي ۾ ظلم ۽ زيادتي، الله پاڪ جي نافرماني، گناھ ۽ جھنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آھي. (2) ياد رکو! غصو پاڻ  خراب ناھي، بلڪه حد ۾ ھجي ته ان کي شجاعت (يعني بھادري) چئبو آھي. ھائو! غصي ۾ حد کان وڌڻ يا حد کان گھٽ ٿيڻ خراب آھي. غصي ۾ حد کان وڌڻ جون صورتون: * غصي ۾ ظلم ڪرڻ * مارڪُٽ * ٿانوَ وغيره ڀڃي نقصان ڪرڻ وغيره. غصو حد کان گھٽ ٿيڻ جون صورتون: * ديني غيرت نه رھڻ * دَيُّوثي مثلاً زوجه، ماءُ، ڀيڻ وغيره جي معاملي ۾ حيا نه ڪرڻ * گناھ ڏسي ان کي خراب نه سمجھڻ وغيره.[1]

غصي جا نقصان

* غصو دوزخ ۾ وٺي وڃڻ جو سبب آھي * غصو ڪيترن ئي گناھن جو سبب آھي، مثلاً حسد، غيبت، گاريون، تعلقات ختم ڪرڻ، ٻين جي بي عزتي ڪرڻ وغيره * غصو اخلاقيات کي خراب ڪري ٿو * غصو وقار کي ختم ڪري ٿو * غصو گھر جو ماحول خراب ڪري ٿو * غصو انسان کي شيطان جو مسخرو (يعني رانديڪو) بنائي ڇڏي ٿو * غصو ضد ۽ ھٺ ڌرمي کي وڌائي ٿو * غصو زال مڙس ۾ جدائي ڪرائي ٿو. * غصي جي ڪري دماغي دورو (Brain Hemorrhage)  يعني دماغ جون شريانون ڦاٽڻ، فالج ۽ دل جو دورو پوڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو * غصي جي ڪري قوتِ مدافعت ڪمزور ٿي وڃي ٿي * غصي جي ڪري جسم ۾ تيزابي مادا (يعني هارمونز) پيدا ٿين ٿا جيڪي چمڙي جي بيمارين جو سبب بڻجن ٿا * غصي جي ڪري عموماً شرمندگي کڻڻي پوندي


 

 



[1] الحدیقۃ الندیۃ،جلد:1،صفحہ:99،ملخصًا۔