Book Name:Gussay Par Kabo Karna
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل غصي تي قابو پائڻ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ ڪاوڙ اچڻ جي وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: فرض حج ڪيو، بيشڪ ان جو اجر 20 غزوات ۾ شرڪت ڪرڻ کان وڌيڪ آھي ۽ مون تي ھڪ دفعو درود پاڪ پڙھڻ ان (فرض حج) جي برابر آھي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
غصي تي قابو پائڻ
اميرِ اھلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُ الْعَالِیَہ اسان کي پنھنجي اصلاح لاءِ سوالن جي صورت ۾ نيڪ اعمال جو رسالو عطا فرمايو ته جيئن اسين انھن سوالن جي ذريعي پنھنجو جائزو وٺون ۽ پنھنجي اصلاح جي ڪوشش ڪندا رھون. اڄ اسين 72 نيڪ اعمال جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 14 جي باري ۾ سکنداسين.
نيڪ عمل نمبر 14: ڇا اڄ اوھان (گھر ۾ يا ٻاھر) ڪنھن تي غصو اچي وڃڻ جي