Book Name:Gussay Par Kabo Karna
صورت ۾ چپ رھي ڪري غصي جو علاج ڪيو يا ڳالھائي ويٺا؟[1].
غصو پيئڻ جي معنيٰ
قدرت جي باوجود غصو نافذ ڪرڻ کان رڪيل رھڻ کَظْمُ الْغَیْظ (غصو پيئڻ) آھي.[2]
آيتِ مبارڪه
الَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ فِی السَّرَّآءِ وَ الضَّرَّآءِ وَ الْكٰظِمِیْنَ الْغَیْظَ وَ الْعَافِیْنَ عَنِ النَّاسِؕ-وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴) (پارہ:4، آلِ عمران:134)
ترجموڪنزالعرفان: اُهي جيڪي خوشحالي ۽ تنگدستي ۾ الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن، ۽ ڪاوڙ پيئڻ وارا ۽ ماڻهن کي معاف ڪرڻ وارا آهن، ۽ الله نيڪ ماڻهن سان محبت فرمائي ٿو.
آيتِ ڪريمه ۾ متقي ماڻھن جا 4 اوصاف بيان ڪيا ويا آھن: (1) خوشحالي ۽ تنگدستي ٻنھي حالتن ۾ الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ (2) غصو پيئڻ (3) ماڻھن کي معاف ڪرڻ (4) احسان ڪرڻ. پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته جنھن ۾ اھي صفتون ملنديون آھن، الله پاڪ انھن سان محبت فرمائيندو آھي.[3]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مَنْ كَفَّ غَضَبَهُ كَفَّ اللهُ عَنْه ٗعَذَابَهٗ يَوْمَ الْقِيَامَةِ
ترجمو: جيڪو ڪاوڙ روڪي، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن اُن سان پنهنجو عذاب روڪي ڇڏيندو.[4]
غصي جي مُتعلق مخلتف احڪام