Achi Niyat Ka Matlab

Book Name:Achi Niyat Ka Matlab

چڱي نيت جا فضائل

* سٺي نيت اخلاص مان آهي ۽ اخلاص قبوليت جي ڪنجي آهي. * سٺي نيت رياڪاريءَ کان بچائيندي آهي. * سٺي نيت نيڪيون وڌائڻ جو نسخو آهي ته هڪ ڪم ۾ جيتريون سٺيون نيتون ڪنداسين، ثواب اوترو ئي وڌي ويندو. * سٺي نيت جنت ۾ وڃڻ جو سبب آهي. * جيڪڏهن سٺي نيت ڪئي، عمل نه به ڪري سگهيا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب ملي ويندو. * سٺي نيت سان مثبت سوچ پيدا ٿيندي آهي، جديد نفسيات(سائيڪالاجي) جي مطابق اها ترقي ۽ ڪاميابي جو ذريعو آهي. سٺي نيت ڪيترن ئي قسمن جي آزمائشن کان بچائي وٺندي آهي. سٺي نيت سان دماغي دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي. اهڙي ريت سماج مان ڪوڙ، ڌوڪو، بدعهدي ۽ بدديانتي وغيره ڪيترين ئي براين جو خاتمو ٿيندو ۽ اخلاق سَنوَرجندا آهن.

چڱي نيت جي عادت بڻائڻ جي لاءِ

* روزانو پنهنجو جائزو وٺو! ان جو سولو ۽ بهترين طريقو اهو آهي ته نيڪ عملن جو رسالو حاصل ڪيو! يا Naik Amal نالي موبائل ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو! روزانو وقت مقرر ڪري ان جا خانا ڀريندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  سٺين نيتن جي عادت سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترائي ديني ۽ دنياوي فائدا نصيب ٿيندا. * نيت جي اھميت ۽ ان جا فضائل و فائدا پيش نظر رکو! * دل ۾ نيڪين جي حرص وڌايو! احياء العلوم ۾ آهي ته: آخرت جي شوق جي برڪت سان سٺيون نيتون ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. * ڪو به نيڪ ۽ جائز ڪم ڪرڻ کان پهريان چند سيڪنڊن لاءِ روڪيو! سٺيون نيتون ڪريو! پوءِ اهو ڪم ڪريو! ان جو سولو طريقو اهو آهي ته امير اهلسنت جو رسالو ثواب وڌائڻ جا نسخا حاصل ڪريو! روزانو هڪ هڪ ڪم جون نيتون ذهن ۾ ويهاريندا رهو! مثال طور * کاڌو کائڻ جون نيتون ذهن ۾ ويهاريو! پوءِ سڄو ڏينهن جڏهن به کاڌو کائو، ذهن ۾ نيتون حاضر ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريو! ائين