Book Name:Achi Niyat Ka Matlab
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل چڱي نيت جي مُعتلق معلومات ڏني ويندي ۽ نظر بد لڳڻ تي پڙهڻ جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ قيراط اجر لکندو آهي ۽ قيراط اُحد جبل جيترو آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
عيادت جي اِرادي کي چڱي نيّت چوندا آهن. ([2])
وضاحت: مثال طور: زيد پاڻي پيتو، ڏٺو ويندو ته پاڻي پيئڻ سان سندس مقصد ڇا هو؟ جيڪڏهن اهو مقصد هو ته پاڻي پي عبادات تي قوت حاصل ڪندس ته اها سٺي نيت سڏبي. جيڪڏهن رڳو اُڃ لاهڻ ئي مقصد هو ته اها رڳو عادت آهي. اهڙيءَ ريت هر جائز ڪم ڪرڻ، مثال طور: ماني کائڻ، لباس پائڻ، خوشبو لڳائڻ وغيره کان پهريان ان ۾ عبادت جي نيت ڪرڻ سٺي نيت سڏبي.
نوٽ: ڪنهن به جائز ڪم ۾ سٺي نيت هئڻ لاءِ 2 ڳالهين جو پاتو وڃڻ ضروري آهي: (1): دل ان طرف متوجھ هجي: جيڪڏهن رڳو رٽيل لفظ زبان سان ورجائي