Book Name:Achi Niyat Ka Matlab
ورتا، دل ۾ توجھ موجود نه رهي ته اها نيت نه سڏبي (2): الله پاڪ جي رضا جو ارادو: يعني اهو ڪم ڪرڻ سان مقصود الله پاڪ کي راضي ڪرڻ يا ان ڪم کي عبادت بڻائڻ هجي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَ سَعٰى لَهَا سَعْیَهَا وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰٓىٕكَ كَانَ سَعْیُهُمْ مَّشْكُوْرًا(۱۹)
(سيپارو؛ 15، بني اسرائيل: 19)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو آخرت گهرندو آهي ۽ ان لاءِ اهڙي ڪوشش ڪندو آهي جهڙي ڪرڻ گهرجي ۽ هو ايمان وارو به هجي، ته هي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي ڪوشش جي قدر ڪئي ويندي.
معلوم ٿيو ته عمل جو قبول ٿيڻ ٽن شين تي موقوف آهي: (1): ايمان(يعني عقيدا صحيح هجڻ) (2): آخرت جو ارادو يعني سٺي نيت (3): عمل کي اهتمام سان ان جي پوري حقن سان ادا ڪرڻ. ([1])
(1): هر مباح ڪم سٺي نيت سان مستحب ٿي ويندو آهي. ([2]) مباح جي تعريف: اهو ڪم جنهن کي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ برابر هجي، نه ان جو گناهه هجي ۽ نه ثواب، جيئن: * کائڻ * پيئڻ * سمهڻ وغيره.
(2): نماز، روزو، حج، زڪوات وغيره عبادتن ۾ نيت شرط آهي، يعني نيت کان سواءِ اهي عبادتون درست نه ٿينديون.
(3): وضو، غسل، ڪپڙا پاڪ ڪرڻ وغيره اهي ڪم جيڪي ٻين عبادتن جو وسيلو بڻجندا آهن، انهن ۾ نيت شرط ناهي، اهي ڪم نيت کان سواءِ به درست ٿي ويندا آهن، البته! ثواب ناهي ملندو. مثال طور؛ جيڪڏهن ڪنهن نيت کان سواءِ وضو ڪيو، ته وضو ته ٿي ويندو پر ثواب ناهي ملندو([3]) (4): گناهه جو ڪم سٺي نيت سان سٺو ناهي ٿيندو، گناهه ئي رهندو آهي. ([4])