Book Name:Achi Niyat Ka Matlab
روزانو هڪ هڪ ڪم جون نيتون ذهن ۾ ويهاريندا رهو، عادت بڻائيندا رهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! بار بار جي مشق سان عادت پڪي ٿي ويندي.
نوٽ: نيّت بابت وڌيڪ معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت اميرِ اهلسنتدَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو ڪتاب * نيڪي جي دعوت، صفحو: 108 کان 129 * رسالو ثواب وڌائڻ جا نسخا ۽ * مڪتبة المدينه جو ڪتاب بهارِ نيّت پڙهو.
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
نظر بد لڳڻ جي دعا:
اَللّٰھُمَّ اَذْھِبْ عَنْہُ حَرَّھَا وَبَرْدَھَا وَوَصَبَھَا
ترجمو: يا الله پاڪ! هن (نظربد) جي گرمي، سردي ۽ مصيبت هن کان ٽاري ڇڏ.. ([1])
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنزالايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪَنَن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نَظرِي کان بچندي نگاهون هيٺ رکيون؟ (12): 12 منٽ مڪتبة المدينه جو اصلاحي ڪتاب پڙهيو؟ (13): آذان ۽ اقامت جو جواب ڏنو؟
[1]... مستدرک ،کتاب الطب،باب اِذَا رَأَی اَحدُکُم الخ، جلد:5،صفحہ:305،حدیث:7575،مدنی پنج سورہ،صفحہ:219۔