Book Name:Aulad ke 3 Huqooq Qist 03
نڪاح کي تمام آسان بڻايو آهي، جيڪڏهن اسان شاديءَ جي باري ۾ به سنتن کي اختيار ڪريون ته ڪيترن ئي اجاين خرچن، گهريلو ناچاقين ۽ قرضن وغيرهه کڻڻ کان بچي سگهون ٿا، گڏوگڏ معاشرو به بدڪاريءَ جهڙن گناهن کان پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو. حديث پاڪ ۾ آهي گَهٽِ خرچ وارو نڪاح بابرڪت آهي.
اڄ اسان اولاد جا 3 حق سکيا آهن، ياد ڪري وٺو!
(1): اولاد جي وچ ۾ برابري ڪرڻ (2): نان ۽ نفقي جو انتظام ڪرڻ (3): سُٺو رشتو ملڻ تي انهن جي شادي ڪرائڻ
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَاَحْیَا
ترجمو: اي الله پاڪ مان تنهنجي نالي سان ئي مَرندو ۽ جِيئندو آهيان (يعني سمهندو ۽ جاڳندو آهيان). ([1])
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير