Aulad ke 3 Huqooq Qist 03

Book Name:Aulad ke 3 Huqooq Qist 03

هڪ ٻار جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌڻ، ٻئي جي ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ * جيڪڏهن هڪ ٻار ڪا غلطي ڪري ته کيس سخت سزا ڏيڻ پر جيڪڏهن ساڳي ئي غلطي ٻيو ٻارُ ڪري ته ان کي نظرانداز ڪرڻ * هڪ ٻار جي فرمائش فوراً پوري ڪرڻ، جڏهن ته ٻئي ٻار جي فرمائش پوري ڪرڻ ۾ ٽال مٽول کان ڪم وٺڻ، اهڙي روَيي سبب نفرتون، اختلافات، بغض ۽ حسد وغيرهه جَنَم وٺندا آهن.

  ٻيون حق: نان ۽ نفقي جو انتظام ڪرڻ

وضاحت: کائڻ، پيئڻ يعني اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي (يعني رهڻ لاءِ جڳهه) وغيرهه جو انتظام ڪرڻ کي  نان ۽ نفقو  چئبو آهي. ([1])

حديث شريف جي مطابق جيڪو شخص اهل وعيال جي لاءِ حلال رزق ڪمائيندو رهندو، قيامت جي ڏينهن ان جو چَهرو چوڏِهينءَ جي چنڊ جيان روشن هوندو* نابالغ اولاد جو خرچ پيءُ تي واجب آهي، توڙي جو اُهي پِيءُ سان گڏ نه رهندا هجن * معذآور پُٽُ جيڪو ڪمائڻ جي سَگهَه نه رکندو هجي، تنهن جو خرچ والد تي لازم آهي، ڪُنواري يعني غير شادي شدهه نياڻي جو خرچ به پيءُ جي ذِمي آهي. ([2])  

ٽيو ن حق : سُٺو رشتو ملڻ تي شادي ڪرائڻ

وضاحت: حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  فرمايو: اولاد جوان ٿي وڃي ۽ سندن والد (طاقت هئڻ جي باوجود) به انهن جي شادي نه ڪرائي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اولاد گناهه (مثلاً بدڪاري وغيرهه) ۾ مبتلا ٿي وڃي ته ان جو گناهه سندن والد کي به ٿيندو. ([3])

نوٽ: اڪثر ڪري شادي ڪرڻ ۾ دير اخراجات جي سبب ٿيندي آهي. اسلام


 

 



[1]...بہارِ شریعت ،جلد:2،صفحہ:273۔

[2]... فتاوی رضویہ جلد24،صفحہ:348،ملخصًا۔

[3]...شعب الایمان ،باب فی حقوق الاولاد واھلین ،صفحہ:401،حدیث:8666۔