Aulad ke 3 Huqooq Qist 03

Book Name:Aulad ke 3 Huqooq Qist 03

انهن جي معاملي ۾ الله پاڪ جي احڪامن جي ڪيتري حفاظت ڪريو ٿا. ([1])

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

حضور جانِ عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: پيءُ تي اولاد جا 3 حق آهن: (1): أنْ ‌يُحَسِّنَ ‌اِسْمَهُ  ان جو سٺو نالو رکي  (2): وَيُعَلِّمَهُ الْكِتَابَ کيس قرآن ڪريم جي تعليم ڏياري (3):   وَيُزَوِّجَهُ اِذا اَدْرَكَ  جڏهن بالغ ٿئي ته ان جو نڪاح ڪرائي. ([2])

اولاد جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! اولاد جا تمام گهڻا حق آهن، جن مان ڪجهه حق اسان  اڳ ۾ سکي چڪا آهيون. 3 حق اڄ سکنداسين. اچو ته پهريان اڳ ۾ سکيل حق دهرائي وٺون. (1): بهتر ماءُ جي چونڊ ڪرڻ (2): ٻار جي ڪَنَ ۾ آذان ڏيڻ (3): تحنيڪ ڪرڻ (يعني گُهٽي يا سُتي ڏيڻ) (4): ٻار جو سُٺو نالو رکڻ (5): عقِيقو ڪرڻ   (6): سُٺي تربيت ڪرڻ  

وڌيڪ 3 حق جيڪي اڄ سکڻا آهن.  

پهريون حق: اولاد ۾ برابري ڪرڻ

وضاحت:  حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو: الله کان ڊِڄو ۽ پنهنجي اولاد ۾ انصاف ڪريو .....!! ([3])  

اولاد جي وچ ۾ نا انصافيءَ جا مثال: * هڪ ٻار سان وڌيڪ پيار ڪرڻ ۽ ٻئي سان گهٽ * هڪ ٻار کي وڌيڪ خَرچِي (جيب خرچ) ڏيڻ ۽ ٻئي کي گهٽ ڏيڻ *


 

 



[1]...تفسیر نسفی ،پارہ :9،سورۂ انفا ل،جلد:1تحت الآیت :28۔

[2]...الترغیب و الترہیب للاصبہانی، جلد:1، صفحہ:350، حدیث:595۔

[3]...مسلم ،کتاب الھبات ،باب کراھۃ تفضیل بعض الاولاد فی الھبۃ ،صفحہ:632،حدیث:1623۔